چمن ۾ ڇڪتاڻ برقرار، زخمي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو

ڪوئٽا (م ڊ) بلوچستان جي سرحدي شهر چمن ۾ پاسپورٽ پاليسي خلاف ڌرڻي سبب صورتحال اڃا به ڇڪتاڻ واري برقرار آهي.چمن ۾ پاڪ افغان بارڊر تي مقامي ماڻهو پاسپورٽ ٽريول پاليسي خلاف 7 مهينن کان ڌرڻي تي  ويٺا هئا.جڏهن ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان صورتحال ڇڪتاڻ واري آهي ۽ ڪالهه مظاهرين ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي پوليس مظاهرين کي ڇنڊوڇاڻ ڪرڻ لاءِ رٻڙ جون گوليون ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو. جڏهن ته مظاهرين به پوليس تي پٿراءُ پڻ ڪيو.مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ جهيڙي دوران پوليس اهلڪارن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.جڏهن ته چمن ۾ اڄ به صورتحال ڇڪتاڻ واري برقرار آهي. پوليس موجب مظاهرين سرڪاري آفيسن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڀتيون به ڪيرايون آهن.مظاهرين پوليس جي بڪتربند گاڏين تي پٿراءُ پڻ ڪيو. ٻئي طرف مال روڊ تي احتجاج دوران گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل 17 ورهين جو نوجوان پڻ دم ڏئي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.