پاڪستان پاران مودي کي حلف کڻڻ بعد مبارڪباد ڏيڻ جو فيصلو

پاڪستان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي سندس حلف برداري جي مبارڪباد ڏيندو. ڀارتيه جنتا پارٽي چونڊ اتحاد نيشنل ڊيموڪريٽڪ  الائنس سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڀارتي صدر نريندر مودي کي وزيراعظم طور حلف کڻڻ جي باضابطه دعوت به ڏني وئي آهي، اعليٰ حڪومتي عملدارن چيو آهي ته پاڪستان نريندر مودي کي حلف کڻڻ کانپوءِ  کيس  مبارڪباد ڏيندو. واضح رهي ته ڀارت ۾ لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ بي جي پي جي اتحاد اين ڊي اي 294 سيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته مخالف ڌر جي اتحاد ”ڀارت“ 234 سيٽون حاصل ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.