راهول گانڌي کي لوڪ سڀا ۾ اپوزيشن ليڊر بڻائڻ لاءِ ٺهراءُ منظور

نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي سياسي جماعت ڪانگريس راهول گانڌي کي لوڪ سڀا ۾ اپوزيشن ليڊر بڻائڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. ڀارتي ميڊيا موجب ڪانگريس ورڪنگ ڪميٽي پارٽي اڳواڻ راهول گانڌي کي لوڪ سڀا ۾ اپوزيشن ليڊر بڻائڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو آهي. تازو ٿيندڙ لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ راهول گانڌي راءِ بريلي ۽ ڪيريلا جي علائقي وياناد مان ڪاميابي ماڻي آهي. ڪانگريس موجب ورڪنگ ڪميٽي اتفاق راءِ سان راهول گانڌي کي اها درخواست ڪئي آهي ته هو لوڪ سڀا ۾ اپوزيشن ليڊر جون ذميواريون سنڀالي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.