ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه غير تربيت يافته گارڊز کي هٿيار ڏيندڙ ڪمپنين خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ڪراچي ۾ پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ سان نوجوان مارجڻ جو وڏي وزير نوٽيس ورتو.هن هدايت ڪئي ته جوابدار کي گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، اهڙا واقعا تڪليف ڏيندڙ ۽ برداشت جوڳا ناهن. واضح رهي ته نارٿ ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ سان ڪچرو کڻندڙ نوجوان مارجي ويو هو.