ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي مينز ورلڊ ڪپ جا مقابلا ويسٽ انڊيز ۽ آمريڪا ۾ جاري آهن پر مداحن کي ميگا ايونٽ جي سڀ کان وڏي ٽاڪري يعني پاڪ-ڀارت ميچ جو شدت سان انتظار آهي.
ٽورنامينٽ جو سڀ کان وڏو مقابلو نيويارڪ جي نسائو ڪائونٽي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شيڊيول آهي جتي پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون نوَ جون تي هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون.
ماضي جي مقابلن دوران ڀارت کي پاڪستان خلاف سرسي رهي آهي، جڏهن ته انهن ڪاميابين ۾گهڻي قدر مک ڪردار ويرات ڪوهلي جو رهيو آهي.
مختصر فارميٽ جي عالمي ايونٽ ۾ هن وقت تائين ٻئي ٽيمون ست ڀيرا آمهون سامهون آيون جنهن ۾ ڀارت پاڪستان خلاف ڇهه ميچون کٽي چڪو آهي جڏهن ته پاڪستاني ٽيم کي واحد ڪاميابي ٽي سال اڳ دبئي ۾ ملي هئي.
ماضي جي مقابلن ۾ پاڪستاني بالرن جي سڀ کان وڏو مسئلو ويرات ڪوهلي رهيو آهي جيڪڏهن ائين چئجي ته اِهي مقابلا پاڪستان ۽ ويرات ڪوهلي جي وچ ۾ هئا ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو.
ويرات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي پنج ميچن ۾ پاڪستان خلاف چار ففٽيون اسڪور ڪري چڪو آهي.
جديد دور جي عظيم بيٽر ويرات ڪوهلي پاڪستان خلاف پنج ميچن ۾ چئن ففٽن جي مدد سان 308 رنسون ٺاهي چڪو آهي، جنهن ۾ 2022 واري عالمي ڪپ ۾ ميلبورن جي ميدان تي کيڏيل تاريخي 82 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز پڻ شامل آهي.
ڪوهلي ورلڊ ڪپ دوران سڀ کان وڌيڪ ست ڀيرا پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي، کيس پاڪستان خلاف 2012، 2016 ۽ 2022 ۾ ٽي ڀيرا مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .
ان کانسواءِ 2021 واري عالمي ڪپ ۾ به ڪوهلي ففٽي اسڪور ڪئي هئي پر پاڪستان اِها ميچ ڏهن وڪيٽن تان کٽي هئي، مختصر فارميٽ ۾ مجموعي طور هو پاڪستان خلاف 488 رنسون ٺاهي چڪو آهي.
T20Worldcup2024 Indiavspakistan ViratKohli