دنيا جي مشهور ترين پيغام رسائيندڙ ايپ واٽس ايپ گذريل سال پنهنجي واهپيدارن جي سولائي لاءِ وائس ميسج ” ويو ونس “ جو فيچر متعارف ڪرائي چڪي آهي.
ويو ونس فيچر ذريعي اوهان پيغام وصول ڪندڙ شخص پاران هڪ ڀيرو کولڻ کانپوءِ پيغام چيٽ تان غائب ٿي ويندو آهي، واٽس ايپ اتنظاميا طرفان ان فيچر کي واهپيدارن جي پرائيويسي ۾ بهتري طور متعارف ڪرايو ويو هو پر هاڻ اِهو فيچر رڳو تصويرن ۽ وڊيوز تائين محدود ناهي رهيو، گذريل سال اِهو فيچر وائس نوٽ ۾ پڻ شامل ڪيو ويو هو.
ان فيچر کان اڳ ڪنهن به واهپيدار ڏانهن موڪليل وائس نوٽ عام طور تي وائس چيٽ ۾ ئي موجود رهندو آهي جنهن کي پيغام وصول ڪندڙ ڪنهن به وقت ٻيهر ٻڌي سگهي ٿو پر هاڻ ائين ناهي، هن فيچر ذريعي اوهان ميسج جيان وائس نوٽ به موڪليل شخص کي رڳو هڪ ڀيرو ٻڌڻ جو موقعو ڏئي سگهو ٿا.
هيٺ ڏنل گائيڊ لائن تي عمل ڪندي اوهان به ان فيچر مان لاڀ حاصل ڪري سگهو ٿا.
انفرادي يا گروپ چيٽ اوپن ڪريو، مائيڪرو فون آپشن کي ٽيپ ڪريو، رڪارڊنگ کي لاڪ ڪرڻ لاءِ سويپ اَپ ڪريو، ٽيپ ڪريو ۽ رڪارڊ رکو.
هاڻ ويو ونس آئيڪن تي ٽيپ ڪريو، جڏهن اِهو آئيڪن سائو ٿي وڃي ته اوهان جو پيغام ويو ونس فيچر سان گڏ تيار آهي، سينڊ ڪرڻ لاءِ ٽيپ ڪري ڇڏيو.
ViewOnce VoiceMessages WhatsApp