دنيا جي سڀ کان وڏي سولر مينوفيڪچرنگ ڪمپني کي پاڪستان ۾ پلانٽ لڳائڻ جي آڇ

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) حڪومت دنيا جي سڀ کان وڏي سولر مينوفيڪچرنگ ڪمپني کي پاڪستان ۾ مينوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ جي آڇ ڪري ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف چين جي سرڪاري دوري تي موجود آهي، وزير ۽ ڪاروباري شخصيتن جو هڪ وفد به ساڻس گڏ آهي.
توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چين ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي سولر مينوفيڪچرنگ ڪمپني لونجي گرين انرجي ٽيڪنالاجي جي صدر زن گولي سان ملاقات ڪئي.
ملاقات کانپوءِ سرڪاري پڌرائي جاري ڪئي وئي، جنهن موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير پاڪستان جي سولر توانائي جي صلاحيت تي بريفنگ ڏني ۽ ڪمپني کي ٻڌايو ته پاڪستان تيزيءَ سان انرجي مڪس ۾ جديد توانائي جي شرح وڌائي رهيو آهي.
اويس لغاري ٻڌايو ته چيني ڪمپني جي صدر پاڪستان ۾ شمسي توانائي کي هٿي لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي، جڏهن ته اسان چيني ڪمپني کي پاڪستان ۾ سولر مينوفيڪرچنگ پلانٽ لڳائڻ جي آڇ ڪئي آهي.

pakistan chaina pakchina

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.