خيرپور جي ايم اين اي ۽ ميونسپل انتظاميا وچ ۾ تڪرار، شهري ڏچي ۾ اچي ويا

خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ڊاڪٽر مھرين ڀٽو ۽ ميونسپل انتظاميه وچ ۾ حددخلي معاملي تان ڇڪتان وڌي ويو، ميونسپل  ملازمن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ بعد صفائي واري عملي گٽرن جا مين ھول بند ڪري مٽي جا ڪٽا گٽرن ۾ وجھي پوري ڇڏيا آهن، خيرپور جو ھر روڊ ھر رستو ھر گھٽي گندي پاڻي سان ڀرجي وئي آهي، شھري سياسي ۽ اشرافيا جي جهيڙي ۾ ڦاسي پيا، ڪيترائي شھري روڊن رستن تي پاڻي ھجڻ ڪري گھرن تائين محدود ٿي ويا آهن، ھزارين شھرين گندي پاڻي مان گذر ڪري جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ميونسپل انتظاميا هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندي پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو جي بنگلي جي چارديواري جي ڀت ڊاهي مسمار ڪئي جنهن تي پ پ ايم اين اي 6 عملدارن مٿان اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن بعد ميونسپل انتظاميا پنهنجا سمورا ويڇا وساري هڪ ٿي وئي آهي. جن گذريل ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بنا ڪنھن وقفي جي گٽرن ۽ نالين جي منھن ۾ بجري ۽ واري جا ڪٽا ھڻي بند ڪري سڄي شهر کي گندگي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، مک روڊن رستن تي گٽرن جو 2 کان 3 فٽ پاڻي بيهجي ويو. هوڏانهن جمعي نماز دوران به شهرين لائوڊ اسپيڪر تي ميونسپل عملي ۽ پ پ ايم اين اي کي پٽون ۽ پاراتا ڏنا. شهرين پ پ چيئرمين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي شهرين کي عذاب مان ڪڍيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.