ڪيٽي بندر + ڳاڙهو (رپورٽ: محمد علي راڻو + الياس سمون) ڪيٽي بندر ايٽ ٻگھاڻ پوليس جي حد لڳ صدر پل وٽ بي رحم ماءُ زاھده زال الياس دل پنھنجي ئي جگر جي ٽڪري ڇھن مھينن جي معصوم نياڻي کي ڇري سان ڪھي قتل ڪري ڇڏيو، جنھن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. قتل ٿي ويل معصوم ٻارڙي جو لاش مقامي اسپتال پھچائي ضروري ڪارروائي بعد لاش سندس پيءُ الياس دل حوالي ڪري ڇڏيو آھي، ٻئي طرف بي رحم قاتل ماءُ زاھده جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته ان جو دماغي توازن درست ناھي، جنھن اڻ ڄاڻائي ۾ پنھنجي نياڻي کي قتل ڪري پنھنجي ئي جھولي اجاڙي ڇڏي آھي.