مڪلي(رپورٽ: اياز جلالاڻي) عوامي پورھيت تحريڪ پاران ڏاھي ۽ مفڪر رسول بخش پليجو جي ڇهين ورسي تقريب مڪلي ۾ ملھائي وئي. تقريب ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان سوين عورتن، مردن ۽ ٻارڙن جي شرڪت شاگردن ٽيبلو ۽ گيت پيش ڪري انقلابي اڳواڻ رسول بخش پليجو کي ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب ۾ عوامي پورھيت تحريڪ جي اڳواڻ ايڊوڪيٽ جي ايم کوسو، ڊاڪٽر ماروي پليجو، پروين پليجو، لطيف جو پارکو عطا چانھيو، آفتاب عباسي، رحيم بخش ٻگھيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ جي اين کوسو، ماروي پليجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته رسول بخش پليجو جي ڏنل واٽ تي ھلندي سنڌ جي نوجوانن ۽ عورتن کي منظم ڪري سنڌ تي نافص وڏيرڪي ۽ سرمائيدارانا سوچ جو خاتمو ڪرڻو آھي سرمائيداري جي روپ ۾ ويٺل اڳواڻ قوم جا ڌارين کان وڌيڪ دشمن آھن.