ڪنڌ ڪوٽ /راڻيپور (رپورٽ: ممتازسنڌي+ فياض راڄپر) شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، ڪالهه ڪنڌڪوٽ ۾ جسقم، جسم ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن والي ڏنوسنڌي، حفيظ مگسي، بشيرخان، ڪامريڊ عباس باجڪاڻي، ظفرسنڌي، عمران بلهڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو ويو. ٻئي طرف راڻيپور ۾ سول سوسائٽي، سماجي ڪارڪنن ۽ قومپرستن پاران کير بازار کان ريلي ڪڍي وئي،جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي نعريبازي ڪندي باب دستگير گيٽ وٽ پھتي، جتي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن جي اڳواڻي غلام حسين چانگ، ڪرم سامٽيو، عارف خاڪي، عبدالرزاق لاشاري، شاھده ڀيلار، سيد زنوار شاھه ۽ٻيا ڪري رهيا هئا.