ڪراچي(رپورٽر) چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ۾ امڪاني طوفان ۽ ٻوڏ جي تباهي کي منهن ڏيڻ بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني ۽ روينيو ۽ بحالي واري صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، سيڪريٽري بحالي، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، سيڪريٽري اطلاعات، پوليس، آرمي، حيسڪو، سيپڪو جي نمائندن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ مخدوم محبوب الزمان ٻوڏ ۽ برساتن جي حوالي سان ڪيل انتظامن تي اگاهي ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر تائين معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي 05 کان 9 لک ڪيوسڪ پاڻي برساتن ۽ گليشيئرن جي پگھلڻ سان سنڌو درياهه ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. چيف سيڪريٽري سنڌ پاران سمورن ادارن کي موسميات کاتي ۽ پي ڊي ايم اي سان رابطي ۾ رهڻ جي ھدايتون پڻ ڏنيون ويون. چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايتون ڏنيون ته هو ضلعي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جا اجلاس ڪري هنگامي سامان، مشينري، ۽ پاڻي ڀرڻ وارا پمپ ۽ ريسڪيو اهلڪارن جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي، هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب معمول کان وڌيڪ برساتون ۽ ٻوڏون اچي رهيون آهن. برساتن سبب سنڌ جي وڏن شهرن کي شهري ٻوڏ جو خطرو آھي.