ڌاٻيجي ۾ 35 ايڪڙ سرڪاري زمين تان قبضو ختم،ڪيس داخل

ڌاٻيجي(مقصود جوکيو) ڌاٻيجي ڀرسان قومي شاھراھ ۽ ڀنڀور روڊ وٽ 35 ايڪڙ سرڪاري ۽ قيمتي زمين تي قبضي ڪرڻ وارو مامرو، مسلسل آواز اٿارڻ بعد نيٺ انتظاميا  حرڪت ۾ ايندي ئي غيرقانوني قبضو ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو، قبضي ۾ ملوث بااثر قبضا مافيا تي ڌاٻيجي ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪري ڇڏيوخبر موجب ڌاٻيجي لڳ گذريل ڏينهن اسٽنٽ ڪمشنر مير پور ساڪرو ڊي ايس پي مير پور ساڪرو ڪارروائي ڪري 35 ايڪڙ  سرڪاري زمين تي قبضي جي الزام ۾ آيل بلوچستان جي اڳوڻي  وڏي وزير جي ڀائٽي يامين زهري، شهيب زهري سميت بلڊر فرمان سيال  سميت  25 کان 30 نامعلوم ماڻهن تي روينيو کاتي جي فرياد تي دھشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي فريادي موجب ڀنڀور لڳ سرڪاري زمين تي زھري برادري جي ماڻهن 25 کان 30 ھٿياربند ويھاري ٿاڻي جي ٻه ايڪڙ سرڪاري زمين سميت ويھن ايڪڙ تي قبضو ڪري چار ديواري ڏياري وئي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو ڊي ايس پي ساڪرو ايس ايڇ او ڌاٻيجي سميت انڪروچمينٽ سرڪاري زمين تان قبضا خالي ڪرائڻ لاءِ پھتي قبضي تي ويٺل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب معجزاڻي  طور تي سوين ڪامورا محفوظ رهيا ڪابه  گرفتاري عمل ۾ نه  اچي سگھي علائقي واسين جو چوڻ آھي ته  روينيو انتظاميا چنڊد ڏوڪڙن عيوض محترمه  بينظير ڀٽو جي شهادت واقعي کانپوءِ  رڪارڊ سڙڻ جو جواز ڄاڻائي تعلقي ساڪري اندر زمينن جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي نيب سميت سرڪاري ادارا نوٽيس وٺي ڪري سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائين

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.