پاڪستان ۽ چين ۾ سي پيڪ کي اپ گريڊ ڪرڻ تي اتفاق

بيجنگ (م ڊ) پاڪستان ۽ چين سي پيڪ کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ 23 مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيني وزيراعظم لي ڪيوانگ وچ ۾  وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. ملاقات دوران  گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ منصوبن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن پاڪستان جي گڏيل فائدي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ صنعت، زراعت جي جديديت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ خاص اقتصادي زونز سي پيڪ کي اپ گريڊ ڪري وڌيڪ تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، ٻنهي طرفن گوادر شهر کي سي پيڪ جي هڪ اهم ستون جي حيثيت سان اهميت ڏيڻ ۽ گوادر کي علائقائي اقتصادي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سمورن منصوبن جي بروقت مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس چيني هم منصب سي پيڪ جي مخالفن خلاف ڀرپور عزم جو اظهار ڪيو. اعليٰ سطحي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفدن جي سطح تي خيالن جي ڏي وٺ کانپوءِ ايم او يو تي صحيحن جي تقريب ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ وزيراعظم لي ڪيوانگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چيني وزيراعظم لي ڪيوانگ چيو ته اسان جي دوستي وقت جي امتحان تي بيٺل آهي، اسان پاڪستان سان مضبوط اقتصادي پارٽنرشپ چاهيون ٿا. چيني وزيراعظم ليڪيانگ چيو ته اسان پاڪستان سان مضبوط معاشي لاڳاپا چاهيون ٿا.  ٻئي طرف چين جي وزيراعظم لي ڪيوانگ وزيراعظم شهباز شريف جي مان ۾ لنچ جو بندوبست ڪيو، ان تقريب کي خطاب ڪندي چيني وزيراعظم چيو آهي ته مان وزيراعظم شهباز شريف جي جذبي، ڪم جي رفتار ۽  واعدا پورا ڪرڻ کان بيحد متاثر آهيان.  چيني وزيراعظم لي چيانگ پنهنجي دوري تي آيل پاڪستاني هم منصب جي اعزاز ۾ شاندار لنچ ڏني، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف گرمجوشي سان مهمان نوازي تي چيني وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته چين عظيم ۽ قابل اعتماد ڀاءُ آهي، هر پاڪستاني کي چين جي ترقي تي فخر آهي. ان کان اڳ شهباز شريف پنهنجي چيني هم منصب سان لنچ تي پهتو ته چيني فوجي بينڊ پاڪستاني گيت ڳائي سندس آجيان ڪئي. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف ڪالهه  بيجنگ جي تاريخي گريٽ هال آف دي پيپلز ۾ چيني صدر شي جن پنگ سان ڊگهي ۽ تفصيلي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن سان گڏ وفاقي وزير ۽ اعليٰ عملدار به گڏ هئا. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سياسي، سڪيورٽي، اقتصادي ۽ واپار سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي زور ڏنو. ملاقات ۾ افغانستان، فلسطين، ڄمون ۽ ڪشمير سميت ڏکڻ ايشيا ۾ انساني حقن جي صورتحال سميت علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيني صدر جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي کي ساراهيندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بي آر آءِ جي فليگ شپ منصوبي طور چين  پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ تحت اهم منصوبن کي بروقت مڪمل ڪرڻ، سي پيڪ جي اپ گريڊيشن ۽ ٻئي مرحلي ۾ سي پيڪ تحت ترقياتي منصوبن تي اتفاق ڪيو. صدر شي جن پنگ وزيراعظم جي اعزاز ۾ ڊنر جو بندوبست ڪيو، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.