ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو، عيد الاضحيٰ 17 جون تي ٿيندي

ڪراچي ( رپورٽر) ملڪ ۾ ذوالحج 1445 هجري جو چنڊ نظر اچي ويو، عيد الاضحيٰ سومر 17 جون تي ٿيندي.ڪراچي ۾ چنڊ نظر اچڻ جي  مرڪزي مجلس عامله جو اجلاس چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ٿيو. ان کان علاوه زونل رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس پڻ پشاور ۾ ٿيو.جڏهن ته اجلاس کانپوءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين اعلان ڪيو ته پهرين ذوالحج 8 جون ۽ 10 ذوالحج يعني عيد الاضحيٰ 17 جون سومر تي ٿيندي.

  1. 190 ملين پائونڊ ڪيس، پي ٽي آءِ کي نئين جج جي مقرري تي اعتراض

راولپنڊي (م ڊ)راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي 11 جون تائين ملتوي ڪئي وئي.احتساب عدالت جي جج محمد علي وڙائچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي  دوران نئين جج سان پراسيڪيوشن ٽيم ۽ وڪيلن جو تعارفي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪنهن به شاهد جو بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي جرح ٿي سگهي. پي ٽي آءِ باني جي وڪيلن پاران نئين جج محمد علي وڙائچ جي مقرري تي اعتراض اٿاريا ويا. ان معاملي تي بئريسٽر سلمان صفدر چيو ته قانون واري وزارت جو احتساب عدالت جي نئين جج جي مقرري جو نوٽيفڪيشن غلط آهي، عدالت نمبر هڪ جو جج اضافي چارج سان ڪيس جي ٻڌڻي نٿو ڪري سگهي.

  1. ٽنڊو حيدر ويجهو نوجوان جو لاش هٿ

ٽنڊو حيدر ( ن ع آ )  ٽنڊو حيدر لڳ پٻڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ راڌڻ منگواڻو جي 25 سالا نوجوان جميل ولد يار محمد منگواڻو ويٺل ڳوٺ راڌڻ منگواڻو جو ڪيلي جي فصل مان سر ڌڙ کان ڌار ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.