عورتن جي ڌار ادبي سنگت تي ڪو اعتراض نه هئڻ گهرجي

تحرير: ڊاڪٽر فهميده حسين

ھونئن ته آئون اھڙن اختلافي بحثن ۾ بھرو ڪانه وٺندي آھيان پر ان ڏس ۾ عطيه دائود جي پوسٽ پڙھڻ کان پوءِ ماٺ به نٿي رھي سگھان. آئون سنگت جي عورت شاخ واري نڪتي تي اچڻ کان پھرين عورتن جي لاءِ مخصوص رسالن ۽ صفحن جي ذڪر سان تاريخ جي درستي چاھيندس. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۽ ٿورو پوءِ سنڌ ۾ سنڌي ھندو ليکڪائن جا نالا ته ملن ٿا پر مسلمان ڪابه عورت لکندڙ ورلي ملندي. ڇا ان وقت سنڌ ۾ ڪا به ھڪ عورت اھڙي موجود ڪانه ھئي جيڪا مردن سان ڪلھي ۾ ڪلھو ملائي ھلي سگھي يا علم ادب جي دنيا ۾ پاڻ لَکائي سگھي؟ ھڪڙي ويچاري روشن آرا مغل ھئي جنھن جو ترقي پسند لبرل ڪردار ڏسي شيخ اياز سميت ڪيترن سان نالو ڳنڍيو ويو. ڇا اھڙي ماحول ۾ ڪي به عام مائٽ پنھنجين نياڻين کي لکڻ يا پاڻ لکائڻ جي اجازت ڏيئي ٿي سگھيا؟
ان دور ۾ ڇوڪرين کي يا ته پنھنجي نالي سان لکڻ جي آزادي ڪانه ھوندي، يا تصحيح ۽ رھنمائيءَ جي اڻھوند سبب، يا وري ڇپجڻ جا موقعا نه ھئڻ ڪري اھي پڌريون ڪونه ٿيون.. ترقي پسند مرد ليکڪن جي تنظيم ۾ شامل ٿيڻ ته پري رھيو، انھن جي رسالن ۾ به سندن لاءِ ڪا جاءِ ڪانه ھئي. ان پس منظر ۾ سٺ جي ڏھاڪي ۾ بيگم زينت عبدالله چنا جو رسالو ”مارئي“، زيڊ اي شيخ جو عبرت اخبار ۾ سھيڙيل صفحو, ستر جي ڏھاڪي ۾ منھنجو ايڊٽ ڪيل ھلال پاڪستان اخبار جو ھفتيوار صفحو ”سگھڙين سٿ“ (جنھن کي مون کان پوءِ عطيه دائود ايڊٽ ڪيو) سنڌي ليکڪائن جي لاءِ بريڪ ٿرو ثابت ٿيا. کين انھن ۾ لکڻ جو موقعو مليو، سندن ڪچين ڦڪين لکڻين جي تصحيح ٿي ته منجھن بھتري آئي، ذھني تربيت سان گڏ ڏات ۽ ڏانءُ کي اجارڻ جو سعيو ٿيو ته انھن جي معرفت سنڌي ادب کي وڏا وڏا نالا مليا. ستر جي ئي ڏھاڪي ۾ پھرئين دور وارو گل بانو سلطان جي ادارت وارو رسالو «سوجھرو»، (جنھن جي ٽيم جي آئون به حصو ھئس), بيگم خديجه خانم دائود پوٽي جو رسالو «اديون»، اسي جي ڏھاڪي ۾ انيسه رحمان جي ادارت ۾ ماھوار ”سگھڙين سٿ“» ( جنھن جي ٽيم ۾ عطيه پڻ شامل ھئي)
نوي جي ڏھاڪي ۾ جاڳو اخبار ۾ منھنجي ادارت ۾ نڪرندڙ صفحو ”سرتيون“، عوامي آواز ۾ سلطانه وقاصيءَ جو ايڊٽ ڪيل صفحو، ادبي بورڊ جو ڪيترن ئي سالن کان نڪرندڙ ماھوار رسالو ”سرتيون“ اھي نه ھجن ھا ته ڇا ايڏي وڏي تعداد ۾ ڪچين مان پڪيون پختيون ٿي نڪتل ۽ معياري لکندڙ سنڌي ليکڪائون ھجڻ ممڪن ھجي ھا؟؟ شايد ڪنھن ايڪڙ ٻيڪڙ ليکڪا تي مس ايڊيٽرن جي اک ٻڏي ھا. انھن ليکڪائن پھرين اتي پاڻ مڃايو ۽ پوءِ مردن جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسالن ۽ اخباري صفحن ۾ به لکي پاڻ مڃايو ۽ پنھنجا ڪتاب به ڇپرايا.
مون کي ياد آھي ته مون کان به اھڙا سوال ڪيا ويندا ھئا ته عورتن لاءِ ڌار رسالن ۽ صفحن جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ اھو عمل عورتن ۽ مردن جي ادب جا ڌار ڌار ڪمپارٽمينٽ رکڻ برابر آھي. جڏھن عورتن کي توھان پنھنجي ڪمپارٽمينٽ ۾ جاءِ نه ڏيندا ته پوءِ مجبوراً کين پنھنجو بندوبست ڪرڻو پوندو. (ھاڻي جتي ڪٿي تعليم، ملازمتن ۽ ڪاروبار وغيره ۾ عورتن جو انگ وڌڻ کان پوءِ رڳو ھڪ ڪمپارٽمينٽ نه پر پوري سواريءَ جي ضرورت پئجي وئي آھي. موجوده دور ۾ يورپ ۾ جرمني، سئزرلينڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ توڻي ھاڻي پاڪستان ۾ پنڪ( گلابي) بسون ان جو مثال آھن). اھا عورتن لاءِ سھولتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آھي، مردن کان ڌار ڪري انھن سان مقابلي جي نه!
ھاڻي اچو ادبي تنقيد ۽ ادبي تاريخن جي ڪتابن تي ڳالھايون، جن ۾ محض رونگ طور آخري جملي ۾ ٻن يا ٽن ليکڪائن جا نالا ھوندا آھن. ڇا ڪڏھن ڪنھن به ليکڪا ۽ شاعره جي ڪنھن به ڪتاب جي ادبي تنقيد جي معيارن موجب پرک ٿي آھي؟ اتي به يا تعريف يا تنقيد کان ڪم ورتو ويو آھي.( ان بابت عطيه تفصيل سان لکيو آھي ان ڪري ورجايان نٿي)وري اچو سيمينارن ۽ ڪانفرنسن تي. تنقيد ۽ تحقيق جي ميدانن ۾ سنڌ جي سڀني جنرل يونيورسٽين ۾ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جا مضمون پڙھائيندڙ، لاڳاپيل موضوعن تي تنقيدي مضمون مقالا لکندڙ، تحقيق ڪري ايم فل، پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڪيتريون ئي لائق، عالم فاضل عورتون آھن جيڪي شاعريءَ يا تخليقي صنفن ۾ به طبع آزمائي ڪن ٿيون، انھن مان ڪيترين کي انھن سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ گھرايو ويندو آھي؟ بس اسان جھڙين ڪجھه بزرگ ليکڪائن کي تبرڪ طور سڏي آگ لاٿي ويندي آھي! اڄ جون اسان جون ڪيتريون وچولي عمر جون يا نوجوان ڇوڪريون وڏو ٽئلينٽ رکن ٿيون، ان ٽئلينٽ کي ڪير ايڪپلور ڪندو؟.
اھڙو ئي ماحول ھو جو 1973 ۾ مون ۽ انيس پھرين عورتن جي سنڌي ادبي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ ڪوٺائي ھئي، ۽ 1982 ۽ 2019 ۾ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ عورت ڪانفرنسن ڪرائڻ لاءِ جاکوڙيو ھو. ادبي سنگت بيشڪ پنھنجا ڪي دور شاندار نموني، علم ادب جي خدمت ۾ گذاريا آھن، ڪيترن وڏن اديبن جا ڏينھن ملھايا ۽ ادبي نشستون منعقد ڪيون ھونديون، پر اڄ ڏينھن تائين سنگت پاران ڪنھن به سنڌي ليکڪا شاعره تي ڪو اھم پروگرام ڪونه رکيو ويو آھي، نه مڃتا جو، نه تنقيدي اڀياس جو. بيگم زينت چنا، خانم خديجه دائودپوٽه، ثميره زرين، ماھتاب محبوب، رشيده حجاب، خيرالنساء جعفري، نور شاھين…ڪھڙا ڪھڙا نالا وٺجن. سندن پروگرامن ۾ ڪيترين عورتن جي شرڪت ھوندي آھي؟ ڪيترين جي تخليقي ڪاوشن تي تنقيدي تبصرا ٿيندا رھيا آھن؟ اڃا به وقت آھي، اھا روايت وجھي سگھجي ٿي.
جيئن اياز ميلي ۾ مرد عورتون گڏ ھوندا آھن تيئن سراج انسٽيٽيوٽ پاران ڪرايل سيمينارن، ڪانفرنسن ۽ فيسٽيولن ۾ پڻ اسان جي اھا ڪوشش رھي آھي ته مردن سان گڏ اوترين يا پاڻ وڌيڪ عورتن جي شرڪت رھي. (ضرورت پئي ته ھڪ خالص عورتن جي ادبي ڪانفرنس به جلد ڪرائينداسين)
آئون سمجھان ٿي ته ان ۾ به سنگت جو گھٽ اسان جي سنڌي ماحول جو ۽ روين جو ۽ مجموعي مائينڊ سيٽ جو ڏوھ وڌيڪ آھي، جنھن جي ڪري ان جي گڏجاڻين ۾ عورتون سولائي (easy and comfortable) نٿيون محسوس ڪن. سندن لکڻين جي پرک ھڪ اديب طور نه پر ھڪ عورت لکندڙ طور ٿيڻ جو امڪان به نظرانداز نٿو ڪري سگھجي، ڪڏھن عورت ھئڻ ناتي ھمٿائڻ خاطر يا وري ان جي ابتڙ به ورتاءُ ٿيندو رھيو آھي. ڪڏھن وري وقت ۽ جاءِ سندن سھولت موجب نٿا ھجن. وقت جي پابنديءَ جو فقدان، ڊگھين نشستن دوران نه باٿروم جي سھولت، نه شام کان پوءِ سواريءَ جي…ڇوڪريون/ عورتون ڪيتريون به بولڊ ھجن، سندن مائٽ/ گھر وارا ڪيترا به ترقي پسند ۽ لبرل ھجن، عورتن لاءِ مشڪل معاشري ۾ اھي وقت سر سندن سلامتيءَ سان گھر پھچڻ تائين ضرور پريشان ٿيندا.
ان ڪري عورتن جي ڌار تنظيم ھجڻ تي ڪو اعتراض نه ھئڻ گھرجي جيڪي انھن معاملن کي سمجھن ٿيون. ھن وقت ڪيتريون ئي نقاد، محقق ۽ تخليقي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪندڙ استاد موجود آھن جيڪي باقاعدي تنقيدي نشستن ۾ لکندڙن جي رھنمائي ڪري سگھنديون. ضرورت پئي ته سنگت مرڪز مان سينئر اديبن شاعرن کي دعوت ڏئي رھنمائي وٺي سگھجي ٿي، ڇو ته ھنن مان ڪابه ليکڪا مرد بيزار ڪانھي. فيمينزم جو مطلب مردن سان بيزاري ھرگز ڪونھي، پر پنھنجي لاءِ حقن ۽ موقعن جي حاصلات آھي. ترقي پسند مردن کي ان ڏس ۾ سھڪار ڪرڻ گھرجي، ۽ گھڻا ڪن به ٿا.سنگت جي عورتن واري شاخ جي قيام کي اجايو اشو ٺاھڻ يا اختلاف ڪرڻ مناسب نٿو لڳي، پر پوءِ به اختلاف راءِ رکڻ واري حق جو احترام ڪرڻ گھرجي.
ھن وقت دنيا ۾ عورتن کي ھر ميدان ۾ اڳتي آڻڻ لاءِ ڌار پروگرام رٿيا پيا وڃن، تنظيمون ٺاھيون ويون آھن خاص ڪري پٺتي پيل ملڪن ۾ جتي عورتن کي برابر نمائيندگي ڪانھي اتي اھڙيون کوڙ تنظيمون موجود آھن. افريقا جي ملڪ ڪينيا ۾ AMKA نالي فورم ٺھيل آھي جيڪو گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اڪثر افريقي ملڪن ۾ خالص ليکڪائن جي تخليقن جي اصلاح، ايڊٽنگ، ۽ ڪتابن جي ڇپائيءَ ۾ رھنمائي ڪري ٿو. ھندستان ۾ اھڙيون سنسٿائون آھن جيڪي خالص عورتن جون آھن ۽ عورتن جي تخليقي ڪاوشن کي پڌرو ڪن ٿيون.
ان ۾ مردن جي خلاف ڪجھه به ڪونھي. اسان کي اميد رکڻ گھرجي ته اھڙو به وقت ايندو جو ان تنظيم مان سکي، پچي راس ٿي، ڪيتريون ئي ليکڪائون پاڻ مڃائي اھو مقام حاصل ڪنديون جيڪو مجموعي سنڌي ادب ۽ تنقيد جي دفتر ۾ اڃا کين ڪونه مليو آھي.
(سوشل ميڊيا تان ورتل)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.