آمريڪا هٿان شرم جوڳي شڪست بعد حارث رئوف تي بال ٽيمپرنگ جو الزام

ڊيلس (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ آمريڪا هٿان عبرتناڪ شڪست کانپوءِ فاسٽ بالر حارث رئوف تي بال ٽيمپرنگ جو الزام لڳي ويو آهي.
آمريڪي ڪرڪيٽر رسٽي ٿيرون سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ٽوئيٽ ڪندي پاڪستاني ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف تي بال ٽيمپرنگ جو الزام لڳائيندي چيو ته ميچ دوران فاسٽ بالر آڱر جي نهن جون استعمال ڪندي بال سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
رسٽي ٿيرون آءِ سي سي کي ٽيگ ڪندي سوال ڪيو ته ڇا ائين ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته بالر ٽيمپرنگ نه ڪئي؟ بال تبديل ٿيڻ جي ٻن اوورن کانپوءِ ڪيئن سوئنگ ٿيڻ لڳو؟
واضح رهي ته آمريڪي ٽيم پاڪستان کي سخت مقابلي کانپوءِ سپر اوور ۾ شڪست ڏني هئي.

harisrauf Pakistancricketteam T20WorldCup2024 USA

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.