”ٻي مئچ کان اڳ ٽيم کان بيٽ کسي رکو“ پاڪستان جي شڪست تي شوبز شخصيتون به ڪاوڙيل

لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ آمريڪا جي غير تجربيڪار ٽيم هٿان پاڪستان جي شڪست تي شوقينن، اڳوڻن ڪرڪيٽرن کان علاوه شوبز شخصيتون به ڪاوڙيل نظر اچن ٿيون.
اداڪار ۽ ميزبان احمد علي بٽ قومي ٽيم جي شڪست چيو ته يقين مڃيو ته هي افسوسناڪ پرفارمنس آهي، مان ڪجهه چوڻ جي قابل ناهيان رهيو، اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته ٽيم جا اڌ رانديگر ٽيم جو حصو رهڻ جي به لائق ناهن.
اداڪار ۽ ميزبان جو طنزيا تبصرو ڪندي چوڻ هو ته ”سياست زندا باد، هي انتهائي شرمناڪ آهي“
ٽيم جي هار تي اداڪارا ماورا حسين ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لکيو ته آمريڪا هٿان قومي ٽيم جي شڪست ڪجهه چوڻ جي قابل ناهي ڇڏيو.
اداڪار عثمان خان لکيو ته ائين لڳي پيو ته آمريڪا 50 سالن کان ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي ۽ پاڪستان جو پهريون ورلڊ ڪپ آهي.
اداڪار علي انصاري به مايوسي جو اظهار ڪندي لکيو ته پاڪستان جي ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ کان بس ڪئي.
اداڪار عمر شهزاد قومي ٽيم سان مخاطب ٿيندي چيو ته ”ٽيم پاڪستان! ان کان وڌيڪ برو ڇا ٿو ٿي سگهي؟.
قومي ٽيم جي شڪست تي سياستدان به ڏکارا نظر آيا، اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ” ان کان پهريان ته ٻيو مئچ ٿئي، چيف جسٽس صاجب کان گذارش آهي ته ٽيم کان بيٽ کسي ڇڏيو“.

Pakistan Showbiz T20WorldCup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.