پاڪستان جي آمريڪا هٿان شڪست جو سبب آءِ ايم ايف جي شرط آهي:انور مقصود

لاهور (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن پاڪستان کي آمريڪا هٿان شڪست تي ڪرڪيٽ جي شوقينن وانگي ليجنڊري ليکڪ، مزاح نگار ۽ ميزبان انور مقصود به ڏک ۾ ورتل نظر اچي رهيو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ انور مقصود به ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع ۾ ڊيبيو ڪرڻ واري آمريڪي ٽيم هٿان پاڪستان جي شڪست تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو.
انور مقصود قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي شڪست جو سبب مجبوري ۽ شرطن کي قرار ڏنو آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ انور مقصود کان سوال ڪيو ويو ته ” پاڪستان آمريڪا کان هارائي ويو آهي ان تي اوهان ڇا چوندا“ جواب ۾ هن چيو ته ” قومي ٽيم مجبوري ۾ هارايو آهي، آءِ ايم ايف جو قرض ملڻو آهي، اڃا مليو ناهي ته ٿي سگهي اها به شرط هجي ته آمريڪا کان هارايو پوءِ قرض ڏينداسين نه ته ٻيو ڪو سبب مونکي سمجهه نٿو اچي.

AnwarMaqsood Pakistan T20WorldCup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.