گرمي باوجود جيل اندر مونکي ڊرم ۾ رکيو ويندو هو: جاويد لطيف

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ ميان جاويد لطيف چيو آهي ته گذريل ڏينهن جيل جي تصويرون ڏٺيون، جيڪي ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل کان گهٽ ناهن، پر مونکي ته مئي ۽ جون جي مهينن دوران ڊرم ۾ رکيو ويندو هو.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جاويد لطيف جو چوڻ هو ته مئي جون جي مهينن ۾ مونکي ته ڪا سهولت نه ڏني ويندي هئي، منهنجي حاضري تي ڪرفيو هنيو ويندو هو.
ن ليگ اڳواڻ سوال ڪيو ته ڇا پاڪستان اندر 9 مئي جهڙا واقعا ڏوهه ناهن؟ ڪنهن کي گڊ ٽو سي يو ۽ مونکي سسيلين مافيا ۽ گاڊ فادر چيو وڃي، منصوبا سازن جا نالا پبلڪ نه پيا ڪيا وڃن
JavedLatif Pakistan Nleague

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.