سپريم ڪورٽ ۾ خالي سيٽن تي ٽن ججز کي مقرر ڪرڻ جي سفارش

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججز جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي سفارش ڪئي وئي.
سپريم ڪورٽ جي ٽن ججز جي خالي سيٽن تي مقرري جي معاملي تي چيف جسٽس جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو.
ذريعن موجب اجلاس ۾ چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ملڪ شهزاد احمد کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، ان کان علاوه سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي جي نالي جي به سفارش ڪئي وئي.
ذريعن ٻڌايو ته جوڊيشل ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شاهد بلال کي به سپريم ڪورٽ آڻڻ جي سفارش ٿي.
ذريعن موجب جوڊيشل ڪميشن ججز جا نالا حتمي منظوري لاءِ پارليماني ڪميٽي اماڻي ڇڏيا آهن.

SupremeCourt Pakistan Judges

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.