نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي صدر دروپدي مرمو نريندي مودي کي مرڪز ۾ حڪومت سازي جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي جنتا پارٽي ( بِي جَي پِي ) جي قيادت هيٺ سياسي جماعتن جي اتحاد نيشنل ڊيموڪريٽڪ الائنس ( اين ڊي اي ) طرفان مودي کي پارلياماني پارٽي جو ليڊر چونڊڻ کانپوءِ ڀارتي صدر طرفان کيس حڪومت سازي جي آڇ ڪئي وئي.
اين ڊي اي اتحاد بي جي پي، تيلگوديشم پارٽي، جنتا دَل ۽ شيو سينا سميت ٻين پارٽين تي ٻڌل آهي، اين ڊي اي وٽ 543 سيٽن تي لوڪ سڀا ۾ 293 سيٽون آهن، اين ڊي اي اتحاد اڄ صدر کي پنهنجي ميمبرن جي فهرست پڻ پيش ڪئي.
ان کان اڳ ڀارت ۾ نئين حڪومت جي جوڙ جڪ لاءِ اين ڊي اي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اين ڊي اي مودي کي وزيراعظم جي اميدوار طور باظابطا طور چونڊي ورتو.
اِهو پهريون موقعو آهي جو بي جي پي کي حڪومت سازي لاءِ علائقائي پارٽين جي حمايت جي ضرورت پئي آهي، نئين حڪومت جي حلف برداري تقريب آچر تي متوقع آهي.
You might also like