عيسيٰ ٽائون ( ويب ڊيسڪ ) ايشين هاڪي والي بال ڪپ ۾ پاڪستان ويٽنام کي سخت مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
عيسيٰ ٽائون بحرين ۾ جاري ٽورنامينٽ جي ڪوارٽر فائنل ۾ پاڪستان ويٽنام وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، پاڪستان کي پهرئين سيٽ ۾ 19،25 تان شڪست ٿي، ٻئي سيٽ ۾ پاڪستان واپسي ڪندي 25،27 تان ڪاميابي حاصل ڪئي.
ٽيون سيٽ به پاڪستان جي نالي رهيو جنهن ۾ هن 23،25 تان فتح حاصل ڪئي، چوٿون سيٽ ويٽنام 21.25 تان کٽي مقابلو برابر ڪري ڇڏيو پر پنجين ۽ آخري سيٽ ۾ پاڪستان 12،15 جي اسڪور تان ڪاميابي ماڻي سيمي فائنل جي ٽڪيٽ ڪٽائي ورتي.
ڇنڇر پاڪستان جو سيمي فائنل مقابلو ڏکڻ ڪوريا سان ٿيندو جنهن ڪوارٽر فائنل ۾ ميزبان بحرين کي شڪست ڏني هئي.
You might also like