اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مهانگائي بابت انگ اکر جاري ڪرڻ واري ڳڻپ کاتي مهانگائي جي شرح ۾ واڌ جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب هلندڙ هفتي ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0.45 سيڪڙو واڌ ٿي.
انگ اکر جاري ڪرڻ واري اداري موجب مهانگائي جي هفتي وار بنيادن تي سالياني شرح 21.69 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي ڪئي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ هفتي دوران 19 شيون مهانگيون ٿيون، جڏهن ته 14 جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي.
هلندڙ هفتي دوران بصر جي في ڪلو قيمت 33 رپيا 39 پئسا ۽ ٽماٽر جي في ڪلو قيمت ۾ 10 رپيا 6 پئسن جي واڌ ٿي، جڏهن ته آلو جي في ڪلو قيمت ۾ 2 رپيا 36 پئسا وڌي وئي.
هلندڙ هفتي دوران ڪيلي جي قيمت في درجن 7 رپيا 26 پئسا مهانگي ٿي، جڏهن ته مرغي جي في ڪلو قيمت ۾ 5 رپيا 91 پئسن جو اضافو ٿيو.
مصالحا، گڙ، سگريٽ، دال ماش به مهانگي ٿيڻ وارن شين ۾ شامل آهن.
رپورٽ موجب هلندڙ هفتي دوران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي، هڪ هفتي ۾ ڊبل روٽي جي قيمت 3 رپيا 5 پيسا سستي ٿي آهي.
Pakistan Govt Mehngai
You might also like