آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي عالي ڪپ جي آمريڪا خلاف ميچ دوران ٻڙي تي آئوٽ ٿيندڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽر اعظم خان تماشائي سان اٽڪي پيو.
گذريل رات ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ آمريڪا پاڪستان کي سپر اوور ۾ شڪست ڏئي وڏو اَپ سيٽ ڪري ڇڏيو ۽ ايونٽ ۾ مسلسل ٻي ڪاميابي حاصل ڪئي.
پاڪستاني بيٽنگ دوران اعظم خان ٻُڙي تي آئوٽ ٿي ويو جنهن کانپوءِ جڏهن هو پويلين طرف وڃي رهيو هو ته هڪ تماشائي سندس سامهون اچي ويو .
وڪيٽ ڪيپر بيٽر اعظم خان پهريان ڪاوڙ واري انداز ۾ تمشائي ڏانهن وڌيو ۽ پوءِ پويلين موٽي ويو.
واضح رهي تي اسٽينڊ ۾ ويٺل ڪنهن همراهه اعظم خان کي ڪجهه چيو هو جنهن تي هو تپي باهه ٿي ويو.
Next Post
You might also like