اسلام آباد(اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري)سپريم ڪورٽ پاران ڪراچي جي زمينن تي قبضي واري ڪيس ۾ بحريا ٽائون تي 460 ارب رپين جو ڏنڊ مڙهيو ويو هو،حالانڪه نيب ملڪ رياض خلاف ان ڪيس ۾ 1800 ارب رپين جو ريفرنس بڻايو هو،تڏهوڪي چيف جسٽس ثاقب نثار مڙهيل ڏنڊ واري ڪيس ۾ 25 ارب رپين جي ادائيگي تي نيب کي بحريا ٽائون جي ڪنهن به آفيسر خلاف جاچ کان روڪي ڇڏيو، بحريا ٽائون تي نيب جو ڪو به ڪيس نه ٺهندو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ بحريا ٽائون کي هر مهيني اڍائي ارب رپين جي ادائيگي ڪرڻي هئي پر ملڪ رياض پهرين ادائيگي کانپوءِ هڪ به قسط جمع نه ڪرائي،هتي سوال اهو ٿو اٿي ته ثاقب نثار کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيترا چيف جسٽس آيا؟ انهن ملڪ رياض کان پڇاڻو ڇو نه ڪيو ته ڏنڊ جي رقم ادا ڇو نه پيا ڪريو؟ جڏهن ته سپريم ڪورٽ پاران ملڪ رياض سان نيب قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي پلي بارگين ڪئي وئي،ذريعن موجب ملڪ رياض خلاف 1800 ارب جي ريفرنس لاءِ نيب سپريم ڪورٽ کان اجازت وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڇو ته ملڪ رياض معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ٻيو اهو ته اڳ ۾ ٿيل پلي بارگين غلط هئي،1800 ارب جي زمين تي 460 ارب رپين جو ڏنڊ مڙهڻ ان رقم جو چوٿون حصو به ناهي،ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جيڪڏهن نيب کي ريفرنس داخل ڪرڻ جي اجازت ڏني ته ملڪ رياض جي مشڪلات وڌي ويندي،ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ رياض وٽ هزارين ارب رپيا پيل آهن هن جي رڳو 2012ع کان اڳ دبئي ۾ خريد ڪيل ملڪيتن جي ماليت 3 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جون آهن،ملڪ رياض کي فوج جي شهيدن لاءِ پلاٽنگ جي مد ۾ ورتل 72 ارب رپين جي به ادائيگي ڪرڻي آهي ذريعن موجب ملڪ رياض سان ان سلسلي ۾ موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن ڪو به جواب نه ڏنو
ملڪ رياض جي ”پلز ڊجيٽل“ چئنل لاءِ اينڪرن سان رابطا
لاهور(معظم فخر)دبئي ۾ نئين ڊجيٽل چئنل جون تياريون جاري آهن، تازو ئي ملڪ رياض جي فنڊنگي سان ”پلز ڊجيٽل“ نالي چئنل جي رجسٽريشن ڪرائي وئي آهي، اهم ترين اڳڀرائي اها آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڊجيٽل ٽيم جي اهم ميمبر جبران الياس،اظهر مشواني ان ڊجيٽل ڪمپني جي حوالي سان دبئي ۾ اهم مشاورت ڪئي آهي،نئين چئنل لاءِ پاڪستان ۾ ناليوارن اينڪرن ۽ ميڊيا شخصيتن سان ڪانٽريڪٽ صحيح ڪرڻ لاءِ رابطا ڪيا ويا آهن،تازو ڪجهه ميڊيا شخصيتن دبئي ۾ انٽرويو به ڏنا آهن،اطلاع آهن ته پاڪستان ۾ هڪ نجي ٽي وي چئنل جي پريزيڊنٽ طور ڪم ڪندڙ ناليوارو اينڪر ان ڪانٽريڪٽ تي صحيح ڪرڻ کانپوءِ دبئي منتقل ٿي ويندو،ذريعن موجب پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا تي لڳندڙ امڪاني پابندين جي صورت ۾ پي ٽي آءِ ۽ عالمي برادري کي جوڙي رکڻ لاءِ دبئي مان ڊجيٽل ميڊيا پليٽ فارم لانچ ڪيو پيو وڃي جتي ٽڪ ٽاڪ،ايڪس،فيس بڪ،انسٽاگرام لاءِ ماڻهن کي ڳرين پگهارن تي مقرر ڪيو ويندو.