بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) سنڌ جي سڄاڻ ڌرين ڌاڙيل راڄ کي وسيلا ڦٻائڻ جي رياستي پاليسي قرار ڏنو آهي. سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران سنڌ جا قومي مسئلا ۽ ان جو چئلينج جي سري ھيٺ قومي ڪانفرنس ايس يو پي جي صدر سيد زين شاھ جي سربراهي ۾ جيم خانا ھال بدين ۾ ٿي گذري. قومي ڪانفرنس کي سيد زين شاھ خطاب ڪندي چيو ته اسان ھن جڙتو سياسي نظام ء مدي خارج نظام کي ٽوڙڻ لاء باشعور دوستن سان گڏ نڪتا آھيون. ھڪ ڪروڙ 22 لک ايڪڙ اسان جي زرعي زمين غير ملڪي ڪمپنين کي ڏيڻ لاءِ پي پي معاھدو ڪري اقتدار ۾ حصو ورتو آھي ، ھن چيو ته چائنا ۽ عرب ملڪن ذريعي 38 منصوبا شروع ڪري ملڪ کي قرض ۾ وڪوڙي رھيا آھن.. سنڌ ۾ ڦر لٽ، ڌاڙا ۽ لکين تعداد ۾ ڏوھ وڌائي سنڌ جي امن امان کي تباھ ڪرڻ جي پاليسي جڙيل آھي. ھن چيو ته 2 لک 80 ھزار پوليس فورس ۽ 40 ھزار رينجرز عملو به امن امان قائم نه ٿو ڪري. ملڪ جي فورسز وڏيرن انھن جي تحفظ لاء ڪم ڪندڙ ڌاڙيلن کي بچائين ٿيون. جن ڌاڙيلن ذريعي اليڪشن کي يرغمال ڪيو ويو آھي. ھن چيو ته ملڪ جا اثاثا ختم ڪرڻ لاء ڊگھي منصوبابندي تحت اسٽيل مل ۽ پي آء اي سميت ادارا وڪرو ڪيا پيا وڃن . ھن چيو ته پاڻي جي ورڇ 1945 ٺاھ کي تبديل ڪري 1991 واري ٺاھ جي خلاف به ڪاميٽيون ٺاھي ارسا کي اختيار ڏيئي اسان کي تباھ ڪري ڌرتي تي ڌارين جو راڄ قائم ڪيو پيو وڃي . قومي ڪانفرنس ۾ اڳوڻي ايم پي اي ۽ جي ڊي اي اڳواڻ حسنين مرزا چيو ته اسان جي ماڻھن کي پنھنجن حقن کان محروم ڪيو وڃي ، وقت جي حڪمرانن اسان کي پنھنجي اصولن ۽ حقن کان ڌيان ھٽرائي وڏيرن کي پنھنجي پوئلڳ بڻايو آھي ،ھن چيو ته حڪمرانن اسان جي صلاحيت کسڻ لاء معيشيت ۽ تعليم کسڻ لاء حڪمت عملي جوڙي ويئي آھي . ھن چيو سائين جي ايم سيد جي سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيل چاليھ واري قرارداد کي پڙھي اصولن واري سياست ڪرڻ گھرجي ،بدين کي ٻوڙڻ ۽ سڪائڻ ۾ اقتدار پرست حڪمرانن جو ھٿ آھي. اسان کي سورھيہ بادشاھ ۽ دودي شھيد جي وارث جي حيثيت ۾ ھاڻ مزاحمتي سياست ڪرڻي پوندي . ايس يو پي جي سينئر وائيس چئرمين روشن ٻرڙو خطاب ڪندي چيو اسان سنڌ جي مسئلن تي مسلسل جدوجھد ڪريون ٿا ، پر پارليامينٽ ۾ وڏيرا گونگا ٻوڙا ۽ پيٽ پرست ويٺل آھن. ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر امير آزاد پنھور چيو ته قوم پرستن لاءِ پارليامينٽ کي حرام سمجھيو وڃي ٿو پر حقيقت ۾ اليڪشني سياست اسان لاء چيلينج ھوندو آھي. سماجي بيھڪ ۾ اسان کي سنڌ جي بنيادي مسئلن تي مستقل مزاجي سان سياست ڪرڻ گھرجي. اسان جاگيردارن سامھون اليڪشن ڪري ووٽ سياست کي تبديل ڪرڻ گھرجي .ھن چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي ادارن کي لکين ايڪڙ زمين ڏيڻ لاء اصل ڌڻين کي بيدخل ڪرڻ جي سازش آھن. عوامي جمھوري پارٽي جي مرڪزي صدر خادم ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي قانون کان وٺي سڀ ادارا تباھ آھن ،افسوس اھو آھي ته اسان ھن ھچا ۾ اڃا تائين ڦاٿل ڇو آھيون. ايس يو پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري جڳديش آھوجا چيو ته 67ع جي ڏهاڪي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سائين جي ايم سيد وچ ۾ نظرياتي اختلاف ھئا ،مولانا مودودي ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي وچ ۾ نظرياتي اختلاف ھئا پر اصول ۽ اخلاقيات واري سياست موجود ھئي . ھن وقت ڌاڙيل راڄ جي پاليسي رياست جي آھي . اسان جن مسئلن ۾ ڦاٿل آھن انھن ۾ ڪي حساس مسئلا وفاق سان لاڳاپيل آھن ،وڏو الميو آهي ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي تسليم نٿو ڪيو وڃي. اھو قومي مسئلي ۾ حل ٿيڻ گھرجي. سنڌ جي 52 لک ايڪڙ زمين وفاق حوالي ڪئي وئي آھي , سنڌ جي سنڌو دريا جو پاڻي سنڌين لاء سڪايو ويو آھي ،ھيڪ معرفت سنڌ جي تعليم لاء 90 ارب ڊالر مان 25 ارب روپيا جاري ڪري سنڌ جي تعليم کي تباھ ڪيو ويو آھي ،تعليمي نظام جي تباھي ۾ وڏو ھٿ وفاق جو بعد ۾ صوبائي حڪومت جو آھي. عبدالمومن « مذھبي رواداري» تي ڳالھائيندي چيو ته اسلام جي نالي ۾ سنڌ جي تھذيب ء تمدن کي تباھ ڪيو ، جن جي تباهڪارين جا اثر اڄ اسان جي نسل پيا آھن .سينئر ڊاڪٽر ۽ سماجي اڳواڻ محمد سومار کوسو چيو ته ووٽ ڏيندڙ ماڻھو اڄ عذاب ۾ آھن ،ڇو ته انھن جن کي ووٽ ڏنا انھن جي بدران ٻيا اٽڪل سان ڪامياب ٿيا ،ھاڻ مصيبت انھن تي آھي جن حقيقي نمائندن کي ووٽ ڏنا . اصغر علي قريشي چيو ته سنڌ جي قدرتي وسيلن کي ظاھر ڪري انصاف جي بنياد تحت ورڇ ٿئي ته سنڌ جا ماڻھون دبئي ۽ عرب عمارت کان وڌيڪ شاھوڪار ٿين ھا . ھن چيو اصلي ملڪ جا حڪمران ٿر ڪول ۽ لاکڙا جي بجلي ظاھر نه ٿا ڪن ڇو ته ھو ڪالا باغ ٺاھڻ چاھين ٿا .
Crimesindh ZainShah Feudalism