بدين (ڊ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان اچو سنڌ سنواريو جي عنوان هيٺ مهراڻ چوڪ کان ريلي ڪڍي ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرو جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو. ان موقعي تي مرڪزي سينيئر نائب صدر ڄام عبدالفتاح سميجو، وائس چيئرمين غلام حيدر شاهاڻي، شاهنواز سيال، راجا اعجاز خواجا ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي، منشيات سبزي جيان وڪرو ٿي رهيو آهي، سچ لکندڙ صحافين کي سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو وڃي ٿو، مهانگائي بک بيروزگاري سبب ماڻهو پريشان آهن پڙهيل لکيل نوجوان ڊگريون کڻي گهمندا وتن ٿا پر کين روزگار نه ٿو ڏنو وڃي سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر متعارف ڪرايو پيو وڃي.
STP Feudalism Protest