لاهور(معظم فخر+عمر چيما)عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ جهيڙو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، اسٽيبلشمينٽ جي غير رسمي اجلاس ۾ تازي بحراني صورتحال تي سنجيده مشاورت شروع ڪئي وئي آهي ۽ عمران خان جي حامي ججن خلاف اڳرائي وارو رويو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،ان حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي، سائفر ڪيس جي فيصلي کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي،هاڻي ان ڳالهه جو فيصلو ٿيڻو آهي ته طاقت ڪنهن وٽ آهي؟ اسٽيبلشمينٽ جي خواهش آهي ته جيستائين عمران خان ٽٽي گوڏا نٿو کوڙي تيستائين ان کي جيل ۾ ئي رهڻ گهرجي،اسٽيبلشمينٽ سخت ترين دٻاءُ جي صورت ۾ مختلف آپشنز تي غور ڪري رهي آهي، ججن جي راءِ آڏو بند ٻڌڻ ۾ ناڪامي اسٽيبلشمينٽ لاءِ سنگين صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿي،ٻئي پاسي رپورٽ ملي آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف وڌيڪ ٻن ڪيسن جي تياري ٿي رهي آهي، شيخ مجيب واري وڊيو ڪيس ۾ هن تي پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيندو، توشاخانه ڪيس ۾ به هن جي گرفتاري متوقع آهي،طاقتور قوتن فيصلو ڪري ورتو آهي ته جيڪڏهن عدليه مان عمران خان کي هلندڙ ڪيسن ۾ رليف ملي ٿو ته فوري طور تي ٻئي ڪيس ۾ سندس گرفتاري ظاهر ڪئي وڃي،عمران خان کي ڊگهي مدي تائين جيل ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 06 جون 2024ع تي شايع ٿيو
ImranKhan PTI Case