ميڊيا عدالتي رپورٽنگ ڪري پر ٿرٿلو مچائيندڙ خبرن سان مسئلو ٿئي ٿو\اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق عدالتي رپورٽنگ تي پابندي خلاف صحافي تنظيمن جي درخواستن  تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتي رپورٽنگ تي پابندي ناهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق عدالتي رپورٽنگ تي پابندي خلاف صحافتي تنظيمن جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته صحافين جي وڪيل بئريسٽر اعجاز گيلاني دليل ڏنا. پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) پنهنجو جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو. چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته پابندي رپورٽنگ تي نه پر غير ذميواراڻي رپورٽنگ تي آهي، عدالتي رپورٽنگ تي پابندي ناهي، ميڊيا عدالتي ڪارروائي جي خبر هلائي سگهي ٿو، رڳو سنسني خیزي جو مسئلو آهي. عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ان معاملي سان وفاقي حڪومت جو تعلق آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته هي پيمرا جو معاملو آهي، وفاقي حڪومت جو ان سان ڪو به تعلق ناهي. ان دوران بئريسٽر عمر اعجاز گيلاني دليل ڏيندي چيو ته پيمرا جي قانون ۾ التوا وارن ڪيسن جي رپورٽ ڪرڻ تي ڪابه پابندي ناهي.جنهن بعد عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي حتمي دليل طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 11 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.