ڪراچي بدامني جي باهه ۾ ٻري رهي آهي: حافظ نعيم

لاهور (پ ر)امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمن ڪراچي شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڦورن جي ڪارروائين، ڌاڙن ڦرن ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي سوال ڪندي چيو آهي ته حڪمران چون ٿا ڪچي جي ڌاريلن وٽ جديد هٿيار آهن، پڇا ٿا ڪيون ته ڪراچي جي ڏوهارين وٽ ڪهڙا هٿيار آهن، سنڌ  پوليس ۽ رينجرس به گڏجي هنن جي نيٽ ورڪ کي ٽوڙي ناهن سگهيا. گهٽين رستن تي ڏوهاري موبائيل فونون فري وڃن ٿا جڏهن ته مزاحمت تي قتل ڪيو وڃي ٿو، صرف ٻن ڏينهن “ هٿياربندن هٿان 27سالن جو انجنيئر حافظ اتقاءَ معين 20سالن جو عبدالباسط ۽ صنعت ڪار آصف سليمان حلوائي گوليون جو کاڄ بڻيا، جڏهن ته هلندڙ سال ۾ صرف پنج مهينن دوران 80شهري هٿياربندن هٿان مارجي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.