ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولراين آءِ سي وي ڊي جي 82هين گورننگ باڊي جي اجلاس جي صدارت ڪندي نئين تعمير هيٺ عمارت جي ٻه ماڙ پيڊس ڪارڊيڪ يونٽ جي قيام لاءِ 520 ملين رپين جي اضافي فنڊ جي منظوري ڏني ۽ تعميراتي ڪم تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ايم پي ايز سعديه جاويد، رخسانه پروين، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، اين آءِ سي وي ڊي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالرشيد طاهر صغير ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گورننگ باڊي پيڊس ڪارڊيا جي مريضن جي گهڻائي کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو ته نئين بلڊنگ جي ٻن منزلن کي پيڊس ڪارڊيڪ علاج لاءِ فعال ڪيو ويندو. وڏي وزير ٻن منزلن کي فعال بڻائڻ لاءِ 520 ملين رپين جي اضافي منظوري ڏني. گورننگ باڊي کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال 2023-2024 دوران 628.3 ملين رپين جي لاڳت سان ايم آر آئي مشينن جي خريداري جي منظوري ڏني وئي آهي ته جيئن اسٽروڪ انٽروينشن پروگرام کي آسان بڻائي سگهجي. مشين ايم آر آءِ دل جي ماس جي سڃاڻپ لاءِ، ڪارڊيو مايوپيٿي ورڪ اپ، اسڪيمڪ اسٽروڪ ڪارڊيڪ ۽ برين اميجنگ سان گڏ مريضن جي ضرورتن لاءِ ڪارڊيڪ ۽ نان ڪارڊيڪ صورتحال لاءِ خريد ڪئي وئي پر فنڊ جاري نه ڪيا ويا. وڏي وزير ناڻي کاتي کي فنڊ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اين آءِ سي وي ڊي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر وڏي وزير کي تجويز ڏني ته سال 2024-25 لاءِ گرانٽ ان ايڊ/بجٽ ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. ان تي وڏي وزير صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ ناڻي واري سيڪريٽري فياض جتوئي کي هدايت ڪئي ته هو اين آءِ سي ڊي جي ضرورت جو جائزو وٺي ان جي منظوري لاءِ پنهنجون سفارشون کين موڪلين.