اسلام آباد (م ڊ) وفاقي بجيٽ ۾ پگهارن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو واڌ جي شروعاتي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت موجب بيوروڪريسي جي مانيٽائيزيشن پاليسي 40 هزار مان وڌائي 60 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته گريڊ 20 تائين جي آفيسرن لاءِ مونوٽائيزيشن 65 هزارن مان وڌائي هڪ لک 5 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي. گريڊ 21 وارن آفيسرن لاءِ مونوٽائيزيشن پاليسي 75 هزار رپين مان وڌائي 1 لک 20 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. جڏهن ته گريڊ 22 جي آفيسرن جي مونوٽائيزيشن 95 هزار رپين مان وڌائي1 لک 55 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. ذريعن موجب گريڊ 1 کان 22 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ سان قومي خزاني تي لڳ ڀڳ 80 ارب رپين جو بار پوندو. ذريعن موجب گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن جي ميڊيڪل ۽ ڪنوينس الائونس ۾ 200 سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب گريڊ 1 کان گريڊ 16 جي اسڪيل جي ملازمن کي 1800 رپيا ڪنوينس الائونس ۽ 1500 رپيا ميڊيڪل الائونس ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته گريڊ 17 ۽ 18 جي آفيسرن کي 5 هزار رپيا ڪنوينس الائونس ڏنو پيو وڃي. ان کي 200 سيڪڙو وڌائڻ جي تجويز آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسڪيل 1 کان 16 تائين جي ملازمن کي 2021 ۽ 2022 ۾ 25 ۽ 15 سيڪڙو ڊسپيرٽي الائونس مليو هو. صوبائي ۽ وفاقي ملازمن جي پگهارن ۾ فرق گهٽائڻ لاءِ الائونس جاري رکڻ جي به تجويز آهي. ذريعن موجب پگهارن ۽ الائونسز ۾ واڌ جي تجويز ابتدائي مرحلن ۾ آهي، حتمي فيصلو وزيراعظم ناڻي واري وزارت ۽ ڪابينا جي مشاورت سان ڪندو.