حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي سبب لڳل باھه واري واقعي ۾ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سڙي ويل ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل زخمين مان گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 4 ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا آھن، جنهن کانپوءِ واقعي جي فوتين جو انگ وڌي 23 ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ فوت ٿيلن ۾ 15 ورهين جو قاضي محمد حسنين پٽ شاهد, 8 ورهين جي ماهنور, 14 ورهين جو احمد رضا ۽ 65 ورهين جو الطاف پٽ عبدالشڪور شامل آهي، جنهن کانپوءِ واقعي ۾ فوتين جو انگ وڌي 21 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪالھه فوتين جا لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ بدستور سوڳ ڇانيل آهي، فوتين جي مقامي قبرستان ۾ تدفعين ڪئي وئي. هوڏانهن حيدرآباد پوليس پاران واقعي جي داخل ڪيل ايف آئي آر ۾ بنا اجازت ايل پي جي سلينڊر دڪان هلائيندڙ اڪرم آرائين جيڪو هن واقعي فوت ٿي چڪو آهي، دڪان مالڪ بابو الدين ۽ سندس پٽ علي کي واقعي جو ذميوار قرار ڏنو آهي، پر هن واقعي کان اڳ حيدرآباد جي چئيني تعلقن ۾ هلندڙ غير قانوني ايل پي جي دڪانن خلاف ڪارروائي نه ڪندڙ لاڳاپيل عملدار اڃا تائين ڪارروائي کان آجا آهن.
 
			