بيجنگ (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هو چين قرضن "وٺڻ لاءِ نه پر ترقي ۽ ڪاروبار لاءِ آيو آهي. چيني شهرين جي فوت ٿيڻ وارو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي. چيني شهرين کي پاڪستان ۾ فول پروف سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ جاري پاڪ – چائنا بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪجهه مهينا اڳ دهشتگردي جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ 5 چيني شهري مارجي ويا. ان واقعي تي سڄو پاڪستان سوڳوار ٿي ويو، پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين جي سڪيورٽي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان وٽ هر قسم جا وسيلا آهن، اسان جي وڏي طاقت اسان جي نوجوانن جي افرادي قوت آهي. پاڪستان ۾ ڪاروبار جي سهولت لاءِ بزنس ڪائونسل قائم ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان ڪرپشن تي ضابطو آڻڻ لاءِ موثر قدم کڻي رهيو آهي. شهباز شريف چيو ته ماضي ۾ رهياسين ته اڳتي نه وڌي سگهنداسين.
 
			