مهانگائي 38 مان 11 سيڪڙو ٿي وئي:ناڻي وزير جي دعويٰ

بيجنگ (م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي آهي جنهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي،  پر ان جي شرح 38 مان گهٽجي 11 سيڪڙو ٿي وئي آهي. چين جي شهر شينزن ۾ پاڪ – چين بزنس فورم کي خطاب ڪندي هن چيو ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي تي ڀاڙڻ جو لاڙو وڌي رهيو آهي، ان جو استعمال هر شعبي لاءِ ڪارائتو ثابت ٿي رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي ڪرنسي ڪيترن ئي مهينن کان مضبوط آهي، جڏهن ته معاشي اشارا به هاڪاري رخ ڏانهن وڌي رهيا آهن. خانگي شعبي کي اڳتي آڻڻ جي ضرورت آهي، خساري ۾ هلندڙ ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته هلندڙ سال اسان کي وياج جي شرح جي معاملي کي ڏسڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.