فيصل آباد ( م ڊ ) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عارف علوي چيو آهي ته عمران خان کي ملڪ ڇڏڻ جي آڇ ڪئي وئي. پر هن اهو چئي انڪار ڪيو ته هو مري ويندو ۽ ملڪ نه ڇڏيندو. فيصل آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني کي ڊيل جي آڇ ڪئي وئي ۽ کيس شهر ڇڏڻ جو چيو ويو، جنهن تي عمران خان چيو ته مان پاڪستان ۾ ئي مري ويندس نه ڇڏيندس.’اڳوڻي صدر عارف علوي چيو آهي ته جيڪڏهن ڳالهه ٿيندي ته گهر جي مالڪ سان ٿيندي، مالهي يا ٻاهر بيٺل اسٽال واري سان ڳالهيون نه ٿينديون، فارم 45 وارا ته ريڙهي وارا به ناهن .
 
			