چمن ۾ ڌرڻي تي لٺ بازي ۽ شيلنگ، ڪيترائي ماڻهو گرفتار

ڪوئيٽا (م ڊ) افغانستان جي سرحد سان لڳندڙ بلوچستان جي شهر چمن ۾ ڌرڻي جي شرڪت ڪندڙن ڊپٽي ڪمشنر چمن جي آفيس تي گهيرو /ڏسو صفحو 7 ڪالم 4

ڪيو، جنهن بعد صورتحال ڇڪتاڻ واري ٿي وئي آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هاءِ وي تي گوڊانگ وٽ رڪاوٽون هٽائڻ لاءِ پهتا ته سندن احتجاج ڪندڙن سان جهيڙو ٿي پيو، اهلڪارن احتجاجي ڪئمپ کي به باهه ڏني ۽ کين ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا فائر ڪيا ويا. ڌرڻي ۾ شريڪ ڌرين پاران ڪارروائي خلاف سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مڇريل ماڻهن پريس ڪلب تي پٿراءُ پڻ ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ پريس ڪلب جا شيشا به ڀڄي ويا. ڊپٽي ڪمشنر چمن راجا اطهر عباس چيو ته هن وقت تائين 7 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن اطلاع آهن ته گرفتار اڳواڻن کي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڳالهين لاءِ سڏائي گرفتار ڪيو ويو، پر ڊپٽي ڪمشنر ان ڳالهه جي تصديق نه ڪئي. چمن ۾ پوليو مهم دوران هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ليويز اهلڪارن کي زخمي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ٻن پوليو ورڪر عورتن کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو. هوڏانهن ڪوئيٽا ۾ چمن جي احتجاج ڪندڙن تي تشدد ۽ گرفتارين خلاف پشتونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ تحريڪ انصاف پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.