ميرپورماٿيلو(رپورٽ: پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلو ۾ سکر جي بهادر صحافي شهيد جان محمد مھر ۽ شهيد نصرﷲ گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ميرپورماٿيلو جي گھنٽا گھر چوڪ آڏو پنجين ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري آهي، بک هڙتالي ڪئمپ تي صحافين اسد پتافي،لطيف لغاري، برڪت ميراڻي،ثاقب گڏاڻي، پريم راٺوڙ،شبير ڀٽي، طفيل رند، وقار بوزدار، محمد صعقوب گڏاڻي ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جيند جلباڻي، سعيد بوزدار، ۽ ٻين ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته حق ۽ سچ لکڻ ۽ چوڻ تي سکر جي بهادر صحافي شهيد جان محمد مھر ۽ ميرپور ماٿيلو جي بيباڪ صحافي شهيد نصرﷲ گڏاڻي کي قتل ڪيو ويو، پر افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته پوليس انتظاميه جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري، هنن ٻنهي شهيد صحافين جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي، هوڏانهن شهيد جي امڙ پاران اڄ ايس ايس پي آفيس اڳيان رٿيل ڌرڻي واري اعلان بعد ضلعي گهوٽڪي جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن کي دعوتون ڏنيون ويون آهن، جيڪي ڌرڻي ۾ اڄ ڀرپور نموني سان شرڪت ڪندا.
NasrullahGadani Justicefornasrullahgadani Awamiawaz