ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ سخت گرمي دوران مختلف علائقن ۾ بدترين ۽ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، اورنگي، ڪورنگي، الله والا ٽائون، سٽي ريلوي ڪالوني، ملير، گڏاپ، قائد آباد، ڪياماڙي ۽ لياري ۾ 12 کان 14 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.ان کان علاوه ناظم آباد، ايف بي ايريا، شادمان، حيدري، گارڊن، جمشيد ڪوارٽر، نيو ڪراچي، سرجاني، پٽيل پاڙا ۽ لائينز ايريا ۾ لوڊشيڊنگ جو مدو 14 ڪلاڪن کان وڌي ويو آهي.ڪي اليڪٽرڪ جو موقف آهي ته بجلي جي لوڊشيدنگ معمول مطابق ٿي رهي آهي ۽ لوڊشيڊنگ شيڊول جا تفصيل ويب سائيٽ تي موجود آهن، ٻئي طرف شهرين جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي ۾ خرابي جو جواز ڄاڻائي روزاني اضافي لوڊشيڊنگ پڻ ڪئي پئي وڃي.