اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي بريت واري فيصلي کي انصاف جي فتح قرار ڏئي ڇڏيو آهي.واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي چيئرمين عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي اڄ بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.فيصلي کانپوءِ اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اڄ انصاف جي فتح ٿي آهي، عمران خان جلد جيل مان ٻاهر ايندو.هن چيو ته اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ جا ٻيا ڪيس به جلد ختم ٿي ويندا.ان موقعي تي شبلي فراز چيو ته اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ شاهه محمود قريشي تي سياسي ڪيس ٺاهيا ويا، ماڻهو سمجهي ويا آهن ته ملڪ ۾ انصاف ٿي سگهي ٿو.پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو خوش آئند آهي، اهو حق ۽ انصاف جي فتح آهي.هن چيو ته باني چيئرمين خلاف ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو، سڄي دنيا کي خبر هئي ته سائفر ڪيس ڪوڙو ۽ بي بنياد آهي، باني چيئرمين ڪيس ۾ 10 مهينا جيل ۾ رهيو.اسد قيصر وڌيڪ چيو ته الحمدلله اڄ حق ۽ سچ جو فيصلو اچي ويو آهي، اميد آهي ته باني چيئرمين تمام جلد اچي ويندو.