چمن ۾ پوليو ٽيم تي حملو، 4 ليويز اهلڪار زخمي

ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي سرحدي شهر چمن ۾ ڌرڻو ڪميٽي جي ماڻهن پوليو ٽيم تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾  4 ليويز اهلڪار زخمي ٿي پيا.صوبائي حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ليويز اهلڪارن کان هٿيار کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ پوليو ٽيم کان ويڪسين به کسڻ جي ڪوشش وئي. هن وڌيڪ چيو ته چمن ۾ پوليو ٽيم تي حملو قابل مذمت آهي، پوليو ٽيم تي حملي ۾ 4 ليويز اهلڪار زخمي ٿي پيا.ڊپٽي ڪمشنر چمن راجا اطهر عباس جو چوڻ هو ته ڌرڻو ڪميٽي جي اڳواڻن پوليو ٽيم تي حملو ڪيو، ٻئي پاسي ڪلي محمد حسن ٺيڪيدار، ڪلي ميرالزئي ۽ ڪلي حاجي باقي جان ۾ پوليو مهم کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ، هن چيو ته پوليو مهم جاري رهندي، پوليو مهم ۾ رڪاوٽ وجهندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.