اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) اسلام آباد ۾ پرڏيهي هاءِ ڪميشن جي اهلڪار پوليس ڪانسٽيبل تي گاڏي چاڙهي ڇڏي.پوليس ذريعن موجب حادثو شاهراهه دستور تي سگنل ٽوڙڻ تي پيش آيو ۽ ڪانسٽيبل عامر ڪاڪڙ زخمي ٿي پيو.پوليس ذريعن ٻڌايو ته پوليس ڪانسٽيبل عامر ڪاڪڙ کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس ذريعن موجب حادثي ۾ پوليس اهلڪار جي موٽر سائيڪل تباهه ٿي وئي، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس علاج جاري آهي ۽ آءِ جي اسلام آباد زخمي اهلڪار کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.پوليس اختيارين موجب حادثي بابت ضابطي جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.