ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.5 سالن جي گونگي ٻارڙي سعديه سوا سال کان پوءِ بازياب ٿي وئي .درخواستگذار جي وڪيل خادم حسين ميتلو چيو ته اپريل 2023ع ۾ ڪراچي جي لائنز ايريا ڊسپينسري مان اغوا وئي هئي .13مهينن کانپوءِ سعديه کي ڊسپينسري جي ٻاهران اغوا ڪندڙن ڇڏي ويا ۽ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي عدالت 5 سال جي سعديه جي بازيابي لاءِ داخل درخواست اڪلائيندي پوليس کي هدايت ڪئي ته ڇوڪري کي اغوا ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري هنن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.