لاهور ( بيورو+م ڊ ) پنجاب جي وزيراعليٰ پاران بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏيندي بجلي چوري بابت مستند ڊيٽا ۽ جامع رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.مريم نواز جي صدارت هيٺ خاص اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ بجلي چوري بابت معاملن ۽ ڪارروائين جو جائزو ورتو ويو.لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (ليسڪو) سميت 5 بجلي جي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب کي بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون بابت آگاهه ڪري ڇڏيو.پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏيندي بجلي چوري بابت مستند ڊيٽا ۽ جامع رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
-
ڪراچي ۾ مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 4 ڄڻا فوت
ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار حادثن ۽ واقعن ۾ چار ڄڻا فوت، پوليس اھلڪار روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو. سپر مارڪيٽ ٿاڻي جي علائقي لياقت آباد نمبر 4 بلال مسجد ڀرسان گھر نمبر 4/118 ۾ زھريلي شيءَ کائي وجاھت ولد راحت خودڪشي ڪري ڇڏي. سرجاڻي ٽائون جي علائقي رحيم ڳوٺ ڀرسان 18 سالن جي نوجوان نصير علي ولد منظور علي جو لاش مليو. چاڪيواڙا ٿاڻي جي حد لياري جي علائقي بيھار ڪالوني ڀرسان ياسين مسجد اسٽريٽ بي روڊ غفور آرڪيڊ بلڊنگ لڳ شھزاد ولد انور جو تشدد ٿيل لاش مليو. حيدري جي علائقي ڪي ڊي اي چورنگي ڀرسان روڊ حادثي ۾ پوليس اھلڪار سراج السلام ولد مظھر الاسلام روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيو.