ڪوٽڏيجي/ڪراچي(رپورٽ:شفقت نوناري+حفيظ ڦلپوٽو+ثناءُ الله بگٽي) سهراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ ڪمند منڊي ويجهو موٽرسائيڪل سوار ٻن نقاب پوش هٿياربندن ڊيوٽي تي موجود ٻن پوليس اهلڪارن تي حملو ڪري ڏنو، فائرنگ ۾ ڪوٽڏيجي واسي هڪ اهلڪار محمد ياسين گوپانگ شهيد ٿي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي اهلڪار سلمان عباس ولد محمد ساجد زخمي ٿي پيو، ٻئي طرف صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پوليس اهلڪارن جي شهادت ۽ زخمي ٿيڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي اوڀر کان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. هوڏانهن شهيد اهلڪار جي مڙهه کي پوليس جي مڪمل عزاز سان جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سندس اباڻي ڳوٺ مراد خان گوپانگ آندو ويو، جتي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.