ڪراچي (رپورٽ : جاني سومرو) نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊويلپمنٽ ۽ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي سنڌ پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو ريگولر ڪرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج دوران مظاهرين سي ايم هائوس طرف وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس لاٺي چارج ڪري ڪيترائي احتجاج ڪندڙ ماڻهو گرفتار ڪري ورتا، جڏهن ته تشدد دوران احتجاج ڪندڙن جو وڏو انگ زخمي پڻ ٿي پيو، احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي اين سي ايڇ ڊي جو صدر خان محمد ملاح ۽ ٻين ڪئي. استادن جو چوڻ هو ته هن مهانگائي جي دور ۾ 25 هزار پگهار تي ڪيترن ئي سالن کان ڊيوٽي ڪرائي وڃي ٿي، جڏهن ته سرڪاري ڀرتي ٿيل استادن کان وڌيڪ ڪم ورتو ٿو وڃي. ٻئي طرف مظاهرين سان تعليم کاتي سنڌ جي سيڪريٽري زاھد عباسي ڳالهيون ڪيون ويون، خاطري ڪرائي وئي ته 3 ڏينهن اندر استادن کي ريگيولر ڪرڻ واري سمري تيار ڪري ڪابينه ڏانهن اماڻي ويندي، جنھن بعد استادن طرفان احتجاج ختم ڪيو ويو.