سردارن، وڏيرن ۽ ڪرپٽ ماڻهن جي ڳٺ جوڙ، ظلم ۽ وارداتن کي وائکو ڪندڙ انهن خلاف کُلي ڪري سامهون اچي آواز اٿاريندڙ ميرپور ماٿيلو، گھوٽڪي جي صحافي نصرالله گڏاڻي کي 21 مئي 2024 تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، نصرالله گڏاڻي اڃا زخمي ئي هيو ٿه پهريان ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو نيو ويو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان جي شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، طبعيت ۾ بھتري نه اچڻ سبب کيس ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ ايئر ايمبولينس ذريعي آندو ويو جتي هن دم ڏنو. بيباڪ ۽ سچ جي سالار صحافي جي شهادت جي خبر سان ئي ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو ، شھيد جي امڙ ۽ احتجاج ڪندڙن جو موقف ھيو ٿه وڏيرن جا نالا ايف آئي آر ۾ درج ٿيڻ گھرجن پر ان جي ابتڙ ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد نامعلوم قاتلن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو.
شهيد صحافي جي خون ۽ پونئيرن سان انصاف خاطر ڪراچي اندر "نصرالله گڏاڻي جسٽس ڪاميٽي” پاران مسلسل احتجاج ٿين پيا گڏوگڏ ڪاميٽي پاران پٽيشن پڻ داخل ڪئي وئي آھي. جنھن موجب "صحافي نصرالله گڏاڻي جو قتل مقامي وڏيرن پاران کليل دهشتگردي آهي، حڪومت کي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ هاءِ ڪورٽ جي جج تي ٻڌل جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏنو وڃي”.اھو نه وسارڻ گھرجي ٿه شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي کي بيباڪ سچي کري ۽ شعوري شخص ھئڻ ڪري قتل ڪيو ويو آهي، اسان جي سماج ۾ اهڙو ماڻهو جيڪو اشرافيه جي آڙي اچي ان کي برداشت نٿو ڪيو وڃي ان لاءِ اهڙو ٿه ڏکيو ۽ تڪليفن وارو ماحول جوڙيو وڃي ٿو جنهن ۾ هو پاڻ کي مش فٽ سمجهي پاڻ ئي پاسيرو ٿي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ماريو وڃي.
اهڙو شعور جيڪو پنهنجي ذات ۽ انفرادي مفاد کي نظرانداز ڪري، توهان ۽ اسان (عالم انسانيت) لاءِ سوچي ٿو، آواز اٿاري ٿو ۽ هر قسم جي تڪليف سهي ٿو، اهو گهڻي ڀاڱي ماريو وڃي ٿو يا قيد بند ۾ صعوبتون سهي ٿو بلڪل اهڙي ريت نصرالله گڏاڻي پنهنجي انفرادي ويڙهه ۾ ناهي مئو، هي اسان جي حصي واري جنگ ۾ ماريو ويو آهي، پنهنجي محسن جي حق ۾ خاموشي نه صرف مجرماڻي روش هوندي، ان سان گڏ عظيم گناھ ۽ انتها جي ڀاڙيائپ به. هنن ڀوتارن ۽ سردارن جي ظلمن ۽ ناجائزين تي فقط غم، غصي جي اظهار ۽ مذمتي بيانن سان ڪجهه به نه ٿيندو. کانئن ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ تي هُلايل "ڪلچرل” ۽ "ڪلاسيڪل وڏيري” ۽ "سٺي سردار” واري ڪوڙي سڃاڻپ کسڻي پوندي عوامي سياست جو حصو ٿي انھن جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي ٻي صورت ۾ هي سردار ۽ وڏيرا اسان جي نسلن جي به ڪنڌ ۾ هوندا.
نصرالله گڏاڻي جي شهادت کي ڏسجي ٿه سنڌ اندر ھي ڪو پھريون قتل ناھي نه ئي ڪو آخري ٿو سجهي، ويجھي عرصي ۾ ئي ڪيترائي ناحق خون ٿيا آهن جنھن ۾ ناظم جوکيو، اجمل ساوند، جان محمد مھر، افضل لنڊ، ھدايت لوھار (جنھن جي قتل جي ايف آئي آر پڻ داخل آھي ۽ قاتل پڻ معلوم هوندي به ڪا پيشرفت ناھي ٿي)، ايتريقدر جو ناظم جوکيو ڪيس ۾ سردار واضح ھيا، شھيد ناظم جوکيو جي گھرواري شيرين جوکيو اسينڊ وٺي بيٺي، تنھن باوجود مختلف حربا هلائي ڪيس لوڙھيو ويو.!
ايئن ٿو سجهي سرداري ۽ ڀوتارڪي نظام ذريعي هٿ وٺي سنڌ کي لاقانونيت جي اوڙاهه ۾ ڌڪيو ويو آهي، ٻيو پاسو اھو به آھي ٿه انھن سردارن جي ھُشي تي ئي، جتي بظاهر قانون ۽ ادارا هوندي به ماڻهو پنهنجا معاملا ۽ مسئلا پهريان بندوق جي زور تي ۽ پوءِ وڏيرن جي فيصلن ۾ حل ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن! ٻني ۾ ڍور پوڻ، ڪتي کي ڀتر هڻڻ ۽ ٻين خصيص نوعيت جي معاملن تي پنهنجي برادري ۽ برادري کان ٻاهر ڌريون هٿيار کڻي وڙهي پون ٿيون ۽ پوءِ ماڻهو مارڻ جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو جيڪو 60-60 ماڻهو مارجڻ کانپوءِ جرڳي ٿيڻ جي صورت ۾ ڪروڙين رپيا ڏنڊ چٽي ڏئي وٺي ڌريون هڪ ڀيرو ٻيهر کير کنڊ ٿي وڃن ٿيون. ۽ ٻئي طرف وري ٻيون ڌريون نئين سر نئين تڪرار جا بنياد رکندي جديد هٿيارن سان ليس ٿي علائقي کي جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏين ٿيون. ڪٿي ته فيصلن جي نتيجي ۾ “ کيرکنڊ” ٿيل ڌريون ٻيهر وڙهي پون ٿيون. خوني واقعن جو هڪ تسلسل آهي جيڪو کٽڻ جو نالو ئي نٿو وٺي توڙي جو ذات برادري وارو اثر رسوخ رکندڙ وڏيرڪي اشرافيه انهيءَ خوني سلسلي کي روڪرائڻ لاءِ سنڌ ۾ جرڳا ڪلچر کي نه صرف جياريو آهي پر ان تي هڪ اخلاقي اجاراداري قائم رکڻ لاءِ اها پروپيگنڊا به پکيڙي آهي ته سندن ڪم نيڪي ۽ صلح، شانتي جو آهي. خير خواهي واري ٺيڪيداري جي زوردار دعويٰ ۽ هر روز فيصلا ڪرائڻ، ڪلاڪن اندر سالن جي تڪرار جو نبيرو ڪري ڌرين کي کير کنڊ ڪرڻ وارين خبرن باوجود سنڌ ۾ مجموعي طور جهيڙيندڙ ڌرين جي انگ ۾ واڌ ئي ايندي رهي ٿي.
ھي نام نھاد سردار ۽ وڏيرا پنهنجن ڪالهوڪن ابن ڏاڏن جيان اڻپڙهيل آڱوٺي ڇاپ هجن يا اڄ جا ڪيڊٽ ڪاليجن مان نڪتل ۽ آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج جا سوٽيڊ بوٽيڊ ڊگري هولڊر، پنهنجي طبقاتي فطرت ۾ ساڳيائي آهن هي وڏيرڪي اشرافيه سنڌ جي ڪهڙي به پاسي اتر، لاڙ يا وچولي ۾ هجي سندن ڪردار ساڳيو ئي هڪ جهڙو ڦورو، قاتل، قبضي خور ۽ انسانيت کي لڄائيندڙ رهيو آهي. سنڌ جو وڏيرو اسٽيبلشمينٽ جو اهو ڪل پرزو آهي جيڪو کين بدامني جي نانءَ تي سنڌ ۾ موجود رهڻ ۽ وسيلن جي ڀيل ڪرڻ جو جواز پئدا ڪري ٿو ڏئي، سنڌ جو وڏيرو شعوري طرح استعمال ٿي، پاڻ کي مظبوط رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي اهڙو ڪِرڻ ئي کيس هن طبقاتي رياست ۾ اهم سياسي ضرورت بڻائي ٿو موٽ ۾ اهم ادارا ۽ اختياريون سندس طبقي لاءِ مددگار بڻايا وڃن ٿا جيئن پنهنجي موقعي پرستي واري مزاج جي ڪري هن وحشي نظام جي وجود جي ضمانت بڻيل هجي. اهڙي قاتل ۽ ڀاڙيتو ڪردارن جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ئي بهتر رستو آهي ٻئي صورت ۾ سمورا سچا ۽ بيباڪ ڪردار اڪيلا اڪيلا ٿي نصرالله گڏاڻي جيئن شهيد ڪيا ويندا رهندا.