اهو سوال ڪيڏو نه عجيب هوندو جيڪڏهن ڪنهن حڪومت کان پڇجي ته ڇا سٺي حڪومت ڪرڻ به اوهان جي ترجيح ناهي. اهو سوال اسان پنهنجي ملڪ جي وفاقي ۽ صوبائي حُڪومتن کان پڇون ٿا ڇاڪاڻ ته اهي گڊ گورننس مُهيا ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيون آهن جنهن جو سندن وٽ اصولي طور ڪو جواز ناهي.
اها به ڪيڏي نه اچرج جي ڳالهه آهي ته اڄ جيڪي به سياسي جماعتون وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون هلائي رهيون آهن تن پاڻ چونڊن ۾ حصو وٺي اقتدار جون اميدوار بڻيون آهن ۽ چونڊ مهم ۾ سٺي حڪومت ڪرڻ، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جا واعدا ڪيا جن جي بنياد تي عوام مٿن اعتماد ڪري کين ووٽ ڏئي اقتداري مسند تائين رسايو آهي. جيڪڏهن سندن ۾ سٺي حڪومت ڪرڻ جي صلاحيت ناهي ته پوءِ اهي چونڊن ۾ ڇو بيهنديون آهن. اهو ته ٿيو اخلاقي نُڪتو. پر جيڪڏهن حڪمران سياسي جماعتون گڊ گورننس ڏيکارڻ ۾ سنجيده ناهن جيڪا شئي نظر به اچي رهي آهي ته پوءِ کين حڪومت ڪرڻ ئي نه کپي، اها آهي اخلاقي تقاضا. پر جيڪڏهن اهي سياسي جماعتون سمجهن ٿيون ته نه گڊ گورننس اسان جي ترجيح آهي ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته معنيٰ اوهان ۾ سٺي حڪومت ڪرڻ جي صلاحيت ناهي؟ پر جيڪڏهن صلاحيت آهي ته ڇا ڪا مجبوري آهي ۽ رنڊڪ آهي؟ پر جيڪڏهن ڪا مجبوري ۽ رنڊڪ آهي ته ڇا اهي اوهان ختم ڪري نٿا سگهو ۽ جيڪڏهن ختم نه ٿا ڪري سگهو ته ڇو؟ ڇا ڪا مصلحت آهي يا ڪو ذاتي ۽ پارٽي مفاد آهي جو اوهان گڊ گورننس نه ڏيکارڻ باوجود هر چونڊن ۾ اميدوار طور بيهو ٿا. ڇا اقتدار کي اوهان ڪاروبار سمجهي ڪمائڻ جو ذريعو ڄاڻائي ان سان هر قيمت تي چنبڙيا پيا آهيو؟ اوهان جو جواب ڪهڙو به هجي پر عوام ائين ئي سمجهي ٿو ته اسان جي حڪمرانن کي عوام جي ڪا ڳڻتي ناهي انهن کي بس صرف ۽ صرف پنهنجا ڀڀ ڀرڻ لاءِ اقتدار گهرجي. اسان جي حڪمرانن بابت اهڙو تاثر عام جام هوندو آهي.
هاڻي اچو ته جائزو وٺون ته گڊ گورننس ڇا کي چئجي ٿو. گڊ گورننس اها آهي جنهن ۾ سئو سيڪڙو عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ هجي. آئين، قانون ۽ انصاف جي بالادستي هجي، ملڪ ۽ عوا خوش حال هجي. عوام کي بنا ڪنهن فرق جي جيئڻ جا سڀ بنيادي حق مليل هجن، هر قسم جي استحصال ۽ ڪرپشن کان ملڪ پاڪ هجي. ترقي جي رفتار نظر اچي ۽ حڪمران عوام جا حڪمران بڻجڻ بدران خادم ۽ نوڪر نظر اچن. ملڪ اندر سستائپ هجي، مهانگائي جي روڪ ٿام ٿئي، بيروزگاري جي خاتمي جا پروگرام نظر اچن، صحت ۽ تعليم سڀني لاءِ مفت هجي، غربت خلاف جهاد ٿيندو نظر اچي.
پر هتي اهو سڀ نظر ناهي ايندو. هتي اهي سڀ مٿي ڄاڻايل سهولتون صرف ۽ صرف حڪمرانن ۽ سرمائيدار طبقي لاءِ مخصوص هونديون آهن. عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ نالي ڪا شئي ناهي، آئين قانون ۽ انصاف جي بالادستي بدران هتي لاقانونيت جو راڄ آهي. مافيائن، ڌاڙيلن، ڏوهارين، ڦورن جي ڏاڍائي آهي معنيٰ جهنگ جو نظام آهي جيڪو ڏاڍو سو گابو. هتي رياست اندر ڪيتريون ئي رياستون، حڪومت اندر ڪيتريون ئي حڪومتون نظر اينديون. ائين هتي عدالتي نظام به هڪ ناهي. طاقت ور ادارن جي ڌار عدالت آهي، جرڳن جو الڳ دستور هلي رهيو آهي. عوام کي روزگار ڏيڻ لاءِ ڪي پروگرام، ڪارخانا ۽ انڊسٽريون نظر نه اينديون پر اغوائن جي انڊسٽري اوهان کي ترقي ڪندي نظر ايندي. ڪرپشن اوج تي آهي. تعليم جي تباهي رڪجڻ جو نانءُ نه ٿي وٺي، صحت جو نظام خراب آهي، ڊاڪٽر ۽ عملو مريضن توڙي انهن جي اٽينڊٽن سان سڌي منهن نٿو ڳالهائي، حياتي بچائڻ وارين دوائن جا اگهه عام ماڻهو برداشت ئي نه ٿو ڪري سگهي، نه بجلي جي سهولت نه گيس، ٻيو ته ڇڏيو عوام کي صاف پيئڻ جو پاڻي به ميسر ناهي، گٽرن جو پاڻي عوام پيئڻ تي مجبور آهي. هاڻي ته سنڌو درياهه ۾ به گٽرن جي پاڻي جو مقدار وڌي ويو آهي، سنڌ کي سنڌو درياهه جو جائز مقدار به نٿو ملي، ترقياتي ڪم آهن ته ورهين کان رڪيل آهن.
اهي سڀ مٿي ڄاڻايل شيئون آهن بيڊ گورننس جون نشانيون جن کي بهتر ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي پر اها فرض جي ادائيگي درست رخ ۾ ٿيندي نظر نه ٿي اچي جنهن مان لڳي ٿو ته گڊ گورننس يا سٺي حڪمراني ڄڻ حڪمرانن جي ترجيح ناهي. جيڪڏهن ترجيح هجي ها ته يقينن اها درست رخ ۾ هلندي نظر اچي ها پر اها نظر نه ٿي اچي. باوجود ان جي ته اسان جا حڪمران پرڏيهي دورا ڪندا رهندا آهن، ملڪ گهمندا آهن ۽ اتان جو حڪومتي ۽ انتظامي نظام به ڏسندا آهن پر الائي ڇو انهن جي سٺي حڪومتي ۽ انتظامي نظام مان ڪو اتساهه ناهن وٺندا. الائي ڇو بهترين حڪومت ڪرڻ ۽ سٺي انتظام ڪاري جي تڙپ حڪمرانن ۾ ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي، تڏهن ٿا چئون ته ڄڻ سٺي حڪومت ڪرڻ حڪومت جي ترجيح ئي ناهي. ترجيح هجي ها ته يقيني طور تي اسان جا حڪمران جديد طرز جي حڪومت جا ٻاهرين ملڪن مان ڪي نمونا کڻي هتي رکن ها. جڏهن ته عام ماڻهو جڏهن ٻاهرين ترقي يافته يورپين ملڪن ڏانهن ويندا آهن ته رشڪ ڪندا آهن ته جيڪر اسان جي ملڪ جو حڪومتي ۽ انتظامي نظام به اهڙو هجي پر اهي عام ماڻهو جيئن ته حڪومت ۾ ناهن هوندا تنهن ڪري اهي ويچارا رڳو حسرت ئي ڪري سگهندا آهن پر جن حڪمرانن وٽ حڪومت آهي، اختيار آهي، طاقت آهي، وسيلا آهن تن ۾ وري ڄڻ اتساهه وٺڻ ۽ رشڪ ڪرڻ جي صلاحيت ئي ناهي. ڪجهه نئون ۽ سٺو ڪرڻ جو سندن ۾ ڪو جذبو ئي ناهي نظر ايندو جنهن تي حيرت، افسوس جي اظهار سان گڏ مذمت ئي ڪري سگهجي ٿي.