سرسيد يونيورسٽي پاران آفيسن ۾ عورتن کي حراسان ڪرڻ بابت آگاهي سيمينار

ڪراچي (پ ر) سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڪائونسلنگ اينڊ گائيڊنس ڊپارٽمينٽ پاران آفيسن ۾ اينٽي هراسمينٽ آف وومين ايڪٽ 2010 جي موضوع تي هڪ آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو.

سر سيد يونيورسٽي جي رجسٽرار ڪموڊور (ر) سيد سرفراز علي آجياڻي واري خطاب ۾ چيو ته اهو عمل پاڪستان ۾ عورتن کي آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ محفوظ ۽ باوقار ماحول فراهم ڪرڻ جي اسان جي عزم جو ثبوت آهي. جتي هو بغير ڪنهن خوف جي آزاديءَ سان ڪم ڪري سگهن. هي ايڪٽ شهرين جي بنيادي حقن جي حوالي سان هڪ تاريخي قانون سازي آهي ڪنهن به شخص جي وقار لاء قانوني تحفظ فراهم ڪري ٿو. آفيسن ۾ حراسان ڪرڻ نه صرف هڪ نفرت جوڳو عمل آهي جنهن سان عورتن جي وقار ۽ معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ٿئي ٿي پر اهو برابري سان ڪم ڪرڻ کان روڪي ٿو. اسان هميشه سماج ۾ اڻ برابري خلاف ۽ عورتن جي ڪم ڪرڻ جي حق ۽ انصاف جي بالادستي جي حمايت ڪئي آهي.

سيمينار کي خطاب ڪندي وفاقي محتسب تحفظ حراساني فوزيه وقار چيو ته حراسان ڪرڻ هڪ سنگين مسئلو آهي ۽ متاثر کي تعليم ۽ ڪم ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته هر روز سندن خاندان تحفظ فراهم نٿو ڪري سگهي. توهان کي توهان جي حقن کي ڄاڻڻ گهرجي. پنهنجو حق گهرو ۽ انهن سماجي تنظيمن جي مدد ڪريو جيڪي حراسان کان بچاءَ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. آئين ۾ عورتن ۽ ٻارن جي تحفظ لاءِ خاص قدم کڻڻ جي شق شامل آهي. هر اداري کي گهرجي ته هڪ رجسٽرڊ هراسمينٽ انڪوائري ڪميٽي جوڙي جيڪا عورتن جي هراسان واري معاملن جي جاچ ڪري. هن سيشن جو مقصد توهان کي اهو ٻڌائڻ آهي ته اهو رياست جو عزم آهي ته عورتن کي تحفظ ۽ بااختيار بڻايو وڃي.

عفيه سميجو چيو ته ڪنهن کي به حراسان ڪري سگهجي ٿو. اسان سڀني جي ذميواري آهي ته ان شخص جي حفاظت ۽ مدد لاءِ مداخلت ڪريون جنهن کي هراسان ڪيو پيو وڃي. هن بدانتظامي جي رپورٽ ٿيڻ گهرجي. بدقسمتيءَ سان حراسان ڪرڻ اسان جي ثقافت جو حصو بڻجي ويو آهي. مظلوم عورت کي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي خاموش رهڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. جڏهن توهان گهر مان نڪرندا آهيو، روڊ تي ۽ آفيسن ۾ توهان کي ذهني طور تي هراسان ٿيڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. اسان هن ڪلچر کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

ان موقعي تي ڊين فيڪلٽي آف اليڪٽريڪل اينڊ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ پروفيسر ڊاڪٽر محمد عامر چيو ته اڄ جو اجلاس سسٽينبل ڊولپمينٽ گول 5 جي مناسبت سان آهي جنهن جو مقصد صنفي اڻ برابري کي ختم ڪرڻ آهي. صنفي برابري حاصل ڪرڻ ۽ سڀني عورتن ۽ ڇوڪرين کي بااختيار بڻائڻ اسان ڪم جي جڳه تي هراسان جي قانونن جي آگاهي ۽ سمجھاڻي کي وڌائڻ سان هن عالمي مشن ۾ فعال طور تي حصو وٺي رهيا آهيون ۽ انهي ڳالهه کي يقيني بڻائجي ته اسان جي يونيورسٽي سڀني لاءِ حفاظت، عزت ۽ وقار جي علامت رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.